قاضي احمد (ن پ ا) ذهني مريض عورت کي مم قرار ڏئي مارڻ جي ڪوشش، پوليس کيس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ايڌي سينٽر حوالي ڪرڻ لاءِ ڪراچي منتقل. خبر موجب ڳوٺ فتوحل زرداري ڀرسان ذهني مريض عورت کي ڳوٺاڻن مم يا ڀوائتو جانور سمجهي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته اطلاع تي پوليس بروقت پهچي عورت کي بچائي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ايس ايچ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت سنڌي ڳالهائي ٿي ۽ سندس تعلق ڪراچي جو ٻڌائي پئي، ايس ايچ او موجب عورت ذھني مريض آھي، هوڏانهن معامري تي امر سنڌو تڪڙا اپاءُ وٺندي ايس ايچ او قاضي احمد توڙي ايڌي وارن سان رابطو ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ذهني مريض عورت کي ڪراچي ايڌي حوالي ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچي روانو ڪيو ويو، جتي سندس سارسنڀال توڙي علاج ڪيو ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته ذهني مريض عورت کي ڪجهه ڏينهن پهريان قاضي احمد ڀرسان ڏٺو ويو هو، جنهن کي ان وقت پوليس وارن تحويل ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر عورت نفسياتي مريض هئڻ سبب رڙيون ڪيون جنهن ڪري پوليس وارن کيس ڇڏي ڏنو، ان وقت عورت دانهون ڪندي فصل ۾ لهي وئي هئي، جنهن بعد ڪالهه ظاهر ٿي.