ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو_ سجاول ضلعن کي ڳنڍيندڙ سنڌو درياءَ تي اڏيل پل تان چوري ٿيل بجلي 35 ٿنڀن واريون خبرون ميڊيا تي هلڻ ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي نوٽيس وٺڻ بعد ايگزيڪيوٽو انجنيئر پراوينشل هاءِ وي ڊويزن ٿر ايٽ مٺي جي اسسٽنٽ انجنيئر سراج الدين سومري ٺٽو ٿاڻي تي پهچي پل تان بجلي جا 35 ٿنڀا جي چوري جي تصديق ڪندي اڻڄاتل جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته ٺٽو_ سجاول پل هاءِ وي ڊويزن ٺٽو حوالي ناهي، پل جي بجلي جي ٿنڀن جي سنڀالڻ جي ذميواري مٺي جي پراوينشنل هاءِ وي ڊويزن کي آهي، جنهن ڪري ٺٽي ٿاڻي تي بجلي ٿنڀن جي ٿيل چوري جي ايف آءِ آر ڪٽرائي آهي، جڏهن ته فريادي پاران اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پل تي لڳل 67 بجلي جي ٿنڀن مان 35 بجلي جا ٿنڀا چوري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين ٿنڀن کي پڻ چوري جي نيت سان ڪٽي رکيو ويو آهي، باقي کيس بجلي ٿنڀن جي قيمت جي خبر ناهي. واضح رهي ته ٺٽو_ سجاول ضِلعن کي ڳنڍيندڙ پل سنڌ ڪول اٿارٽي پاران 2، ارب ، 70 ڪروڙ جي لاڳت سان سال 2017 ع ۾ تعمير ڪرائي وئي هئي.