دادو (رپورٽر ) دادو ۾ نينگر سان مبينا بدفعلي ڪئي وئي. محمد شاھ ڪالوني مان 16 سالن جي نينگر اسوند پٽ حاجي علي حسن ڏاوڇ کي گهر آڏو هٿيارن سان مسلح 2 موٽر سائيڪل سوار زبردستي اغوا ڪري ويا. جن دادو ڀرسان ڳوٺ سيال لڳ نشو ڏئي ساڻس مبينا طور بدفعلي ڪئي، اسوند ۽ سندس پيء واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اي سيڪشن ٿاڻي تي پهتا ته ڊيوٽي تي موجود اي ايس آء شمن ملاح نينگر ۽ سندس پيءُ مٿان مڇرجي پيو ۽ کيس وڌ گهٽ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سان ڪرسي تان اٿي سندن تذليل ڪرڻ بعد ڌڪا ٿيلها ڏياري ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو آهي ، نينگر اسوند اخبار وارن کي ٻڌايو ته هو آچر جي رات گهر آڏو بيٺو نويد سهارڻ سميت ٻه ڄڻا هٿيارن جي زور تي کيس موٽر سائيڪل تي ويهاري کڻي وڃي ڳوٺ سيال ڀرسان ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪئي ڪيس ڪرائڻ لاء اي سيڪشن ٿاڻي وياسين ته اي ايس آء تذليل ڪري ڌڪا ٿيلها ڏئي ٿاڻي ڪڍرائي ڇڏيو ، اسوند ۽ سندس پيء مطالبو ڪيو آهي ته جنسي ڏاڍائي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ تذليل ڪندڙ اي ايس آء خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي