فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج مان کنڀي گم ڪيل صدام شر ۽ اياز لطيف شر سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابيءَ لاءِ جسقم پاران اعلانيل علامتي بک هڙتال ڪالهه 25هين ڏينهن به جاري رکي وئي. ان موقعي تي وقار ڪوري، خادم شر، سڪندر بالادي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته سمورن قومي ڪارڪنن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.