خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ ٻيڙو خان گاڏهي مان گم ٿيل پيرسن 50 ورهين جي قربان علي  ولد علي مردان گاڏهي جو لاش هٿ آيو آهي، پيرسن جو لاش جاني بند ڳوٺ چوٻار ڀرسان ڪڻڪ جي فصل مان  هٿ آيو، اطلاع تي گوزو پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال خيرپورناٿن شاھ پهچايو جتي ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم ۾ تصديق ڪئي ته قربان علي گاڏهي کي ڪپڙي سان گهٽا ڏنل آهن جنهن بعد هي فوت ٿي ويو آهي پراسرار نموني قتل ٿيل قربان علي گاڏهي جي ڀائٽي ستار گاڏهي ٻڌايو ته اسان جو چاچو ٽن ڏينهن کان وٺي گم هو جنهن گهڻي ڳولاء ڪئي پر هو نه ملي سگهيو. اڄ ڳوٺاڻن اسان کي اطلاع ڏنو ته توهان جي همراھ جو لاش جاني بند ڀرسان ڪڻڪ جي فصل ۾ پيل آهي جنهن بعد اسان اتي پهتاسين ته واقعي چاچي جو لاش ڪڻڪ جي فصل ۾ پيل هو هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي پر ظالمن ظلم ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته قربان علي گاڏهي جو ذهني توازن درست نه هو. گوزو ٿاڻي جي انچارج عبدالله جويو ٻڌايو ته فوتي جي ڀاء پيار علي چيو ته اڄ اسين ڪفن دفن ڪري پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري پوء ڪيس داخل ڪرائينداسين.