حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پوليس سان مقابلي دوران اهلڪار کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس  ۾ سزا ٻڌايل 5 ڀائرن سميت 7 جوابدارن جي سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کين بري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت جوابدار قادر بخش لاکو، سندس ڀائرن عابد لاکو، آصف لاکو، شاهد لاکو، ساجد لاکو، وقار ڀٽي ۽ محرم الله کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. 22 اپريل 2021ع تي شهيد بينظير آباد ضلعي جي ايئرپورٽ ٿاڻي تي انسپيڪٽر اصغر علي اعواڻ ڪيس داخل ڪرايو هو. ڪيس ۾ پوليس موقف اختيار ڪيو هو ته ڄاڻايل جوابدارن گرفتار دوران پوليس سان مقابلو ڪيو جڏهن ته هڪ اهلڪار فهيم انڙ کي اغوا ڪري کانئس سرڪاري رائفل ڦري يرغمال بڻايو. دهشتگردي جي انت واري عدالت 30 آڪٽوبر 2021ع تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 7 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.