خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت مل ڪالونيءَ  جي رهواسڻ ناري مسمات سلميٰ راڄپر طرفان داخل ڪرايل درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ محراب پور جي رهواسي رضوان ڪمبوهه خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. درخواستگذار سلميٰ راڄپر نوجوان رضوان ڪمبوهه تي الزام مڙهيندي ڄاڻايو آهي ته رضوان کيس دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو هو ۽ انڪار ڪرڻ  تي هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي گهر ۾ گهِڙي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي زبردستي لڄالٽ ڪئي. جوابدار گهر ۾ رکيل سونا زيور ۽ 3 لک رپيا روڪ ڦري فرار ٿي ويا. هن عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.