فيض گنج: ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿيندڙن جي ڪار ڪلٽي

0
368

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج مان ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿيندڙن جي ڪار ڪلٽي ٿي پئي.

فيض گنج  مان عورتون ۽ مرد ڳوٺاڻن جون ٻڪريون چوري ڪري ڪار ۾ فرار ٿي رهيا هئا ڳوٺاڻن ۽ پوليس کين پيڇو ڪيو.

چورن جي ڪار تيز رفتاريءَ سبب لاڙڪن جي ڳوٺ وٽ شاخ ۾ ڪلٽي ٿي پئي جنهن بعد علائقي واسين ڪار ۾ ڦاٿل عورتن کي ڪڍي پوليس حوالي ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورتون سان گڏ  ٻه  مرد به هئا جيڪي ڪار مان نڪري فرار ٿي ويا،  گرفتار ٿيل عورتن جو تعلق جوڳي برادري سان ٻڌايو پيو وڃي.