پاڪ-نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سيريز جاري رکڻ لاءِ وزير اعظم جو نيوزيلينڊ جي هم منصب سان فون تي رابطو

0
310

ڪراچي: پاڪ-نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سيريز جاري رکڻ لاءِ وزير اعظم عمران خان جو نيوزيلينڊ جِي هم منصب سان فون تي رابطو، سيڪيورٽي جَي فول پروف انتظامن کان آگاهه ڪيو، وزير اعظم خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڪستان وٽ دنيا جو بهترين اٽيلي جنس سسٽم موجود آهي، نيوزيلينڊ ٽيم کي سيڪيورٽي ٿريٽس ناهن.

نيوزيلينڊ ٽيم جو دورو ختم ٿيڻ بعد حڪومت حلقن ۾ هلچل، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اسڪردو جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو، سيڪيورٽي صورتحال تي ڪجهه دير ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندو، شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام آهن، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ کي فيصلي ۾ تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي.

ھي به پڙھندا

سيڪيورٽي خدشن جو جواز بڻائي نيوزي لينڊ پاڪستان جو دورو ختم ڪري ڇڏيو، سيريز ملتوي