فوج قربانيون ڏئي رهي آهي، رڳو 2 يا 3 ماڻهو انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ آهن: عمران خان

0
251
عورت جج کي ڌمڪائڻ واري

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته فوج قوم لاءِ وڏيون قربانيون ڏئي رهي آهي، رڳو 2 يا 3 ماڻهو انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ وجهي رهيا آهن
پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ تصديق ٿي آهي ته وزير آباد ۾ ٽن هٿياربندن فائرنگ ڪئي هئي، هڪ فائرنگ جوابدار نويد ڪئي، ٻي فائرنگ مٿان کان ٿي ۽ ٽئين فائرنگ هيٺئين پاسي کان بندوق ذريعي ڪئي وئي
عمران خان چيو ته سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ سامهون آيو آهي ته ڊي پي او گجرات جوابدار نويد جو وڊيو بيان رڪارڊ ڪيو، ڊي پي او گُجرات ڪنهن جي چوڻ تي وڊيو رڪارڊ ڪري ڪجهه صحافين کي اُماڻيون؟ اهو ڪير هو، جنهن سي ٽي ڊي کي جوابدار جو ٻيو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ چيو
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڪوششن باوجود حملي جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي سگهيو آهيان، اهي طاقتور ڪير آهن، جِن پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪيو؟

هن کي به پڙهندا

قائد عوام کي به انصاف نٿا ڏئي سگهو ته عدالتن کي تالا هڻو: بلاول ڀٽو زرداري

سنڌ کانپوءِ پنجاب کي فتح ڪرڻ لازمي آهي: آصف زرداري

عمران خان تي حملو ڪندڙ جوابدار جو وڊيو بيان رڪارڊ ڪندڙ ڪردار سامهون اچي ويا