جماعت اسلامي جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ

0
210
جماعت اسلامي جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ
جماعت اسلامي جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ

ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ويندڙ جماعت اسلامي جي مارچ کي پوليس جيم خانه وٽ روڪي ورتو آهي، جنهن بعد جماعت اسلامي جا ڪارڪن مسلم جيم خانه وٽ ڌرڻو هڻي رهيا آهن
پوليس جيمه خانه وٽ رڪاوٽون وجهي روڊ کي بند ڪري ڇڏيو، وزيراعليٰ هائوس ويندڙ رستن تي پوليس نفري مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته بيريئر لڳائي روڊ بند ڪيا ويا
اي سي ۽ ايس ايس پي سائوٿ طرفان جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ويون، جيڪي بنا نتيجي ختم ٿي ويون آهن
جماعت اسلامي مڪاني چونڊون جلد ڪرائڻ لاءِ سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي شفاف چونڊون ڪرائڻ جي نيت نه آهي، خدشو آهي ته متحده جي چوڻ تي پ پ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائي ڇڏيندي
اڳواڻن چيو ته ڪراچي واسين کي پنهنجا مڪاني نمائندا چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي

هن کي به پڙهندا

اٽي جو بحران ۽ مهانگائي خلاف سنڌ سراپا احتجاج، مُک شاهراهه بلاڪ

قائد عوام کي به انصاف نٿا ڏئي سگهو ته عدالتن کي تالا هڻو: بلاول ڀٽو زرداري

سنڌ کانپوءِ پنجاب کي فتح ڪرڻ لازمي آهي: آصف زرداري