قائد عوام کي به انصاف نٿا ڏئي سگهو ته عدالتن کي تالا هڻو: بلاول ڀٽو زرداري

0
231
قائد عوام کي به انصاف نٿا ڏئي سگهو
قائد عوام کي به انصاف نٿا ڏئي سگهو ته عدالتن کي تالا هڻو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پيپلز پارٽي چونڊ ۽ سياسي سرگرمين بابت نئون ضابطه اخلاق جوڙڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽيز سان رابطن جو اعلان ڪيو آهي
بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نئون ضابطه اخلاق ڪميٽي جوڙي ويندي، اها ڪميٽي حڪومت ۽ اپوزيشن سوڌو پارليامينٽ کان ٻاهر پارٽين سان به رابطا ڪندي
هن چيو ته نئين ضابطه اخلاق تحت سياسي پارٽيز چونڊ سرگرميون ڪنديون، چونڊن ۾ دير ڪئي وئي ته پيپلزپارٽي ڀرپور مخالفت ڪندي، مڪاني ۽ عام چونڊون وقت تي ٿينديون
ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو چيو ته عدالت آئين جي باني کي انصاف نه ڏئي سگهي آهي ته پوءِ ٻين کي ڪيئن ملندو؟
بلاول چيو ته انصاف جي ذميوار ادارن کان پڇڻ گهران ٿو ته قوم ۽ ڪارڪنن کي ڪهڙو جواب ڏيان، شهيد ذوالفقار ڀٽو جي عدالتي قتل بابت ريفرنس ۽ منهنجي درخواست 12 سالن کان التوا هيٺ آهي، اُن کي جلد ٻڌو وڃي
پ پ چيئرمين چيو ته پنهنجي حڪومت کي به گذارش ڪريون ٿا ته ريفرنس کي جلد هلايو وڃي، عدليه کي ڪجهه ماڻهن جو داغ ڌوئڻو آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو کي انصاف ڏنو وڃي، قائد عوام کي به انصاف نٿا ڏئي سگهو ته عدالتن کي تالا هڻو ۽ ماڻهن کي چئو ته انصاف لاءِ نه اچن
پيپلز پارٽي دهشتگردن سان نرم رويو رکڻ واري پاليسي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي
ڪراچي ۾ پ پ جِي سي اي سي جَي اجلاس بعد بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي چونداسين ته قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو وڃي، سمورين سياسي پارٽيز کي دهشتگردي جي معاملي تي اعتماد ۾ ورتو وڃي
هن چيو ته پارليامينٽ جي اونرشپ سان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪنداسين، ڌمڪيون ڏيندڙ پاڻ موت کان ڊڄندا هوندا، اسان موت کان نٿا ڊڄون، پهرين به دهشتگردن جو مقابلو ڪيو آهي، دهشتگردن جون ڌمڪيون پنهنجي جاءِ تي، پر اسان نظريي ۽ موقف تي قائم رهنداسين

پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي نين چونڊن کان اڳ چونڊ سڌارا آڻڻ تي زور ڏنو آهي، ادارن خلاف عمران خان جي پروپگئنڊا جي به مذمت ڪئي وئي آهي
آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي گڏيل صدارت ۾ سي اي سي جي اجلاس دوران اڳوڻي آرمي چيف طرفان ماضي جون غلطيون مڃڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ طرفان سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري اعلان جي آجيان ڪئي وئي
سُپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي وئي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جي عدالتي قتل بابت پٽيشن کي جلد ٻُڌو وڃي، اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪنهن به سياسي جماعت جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين، سنڌ کانپوءِ پنجاب تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنجاب کي فتح ڪرڻ لازمي آهي

هن کي به پڙهندا

سنڌ کانپوءِ پنجاب کي فتح ڪرڻ لازمي آهي: آصف زرداري