اداڪارا ڪبريٰ خان يوٽيوبرز خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو

0
526
اداڪارا ڪبريٰ خان يوٽيوبرز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ڪبرا خان يوٽيوبرز خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪبريٰ خان سميت چئن اداڪارائن خلاف سوشل ميڊيا تي مواد بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي مواد بلاڪ ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

درخواست ۾ اداڪارا ڪبريٰ خان چيو ته يوٽيوبرز ڪوڙا الزام لڳائي منهنجي ۽ ٻين اداڪارائن جي وقار کي ڇيهو رسايو آهي

اداڪارا جي وڪيل جو چوڻ آهي ته اڻوڻندڙ مواد هٽائڻ لاءِ ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي سان رابطو ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته تازو ئي پاڪستاني اداڪارا ڪبرا خان ميجر (ر) عادل راجا جي الزامن تي سخت ردعمل ڏيندي ڪيس داخل ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو

تازو ئي عادل راجا سوشل ميڊيا تي هڪ ويلاگ ۾ پاڪستان جي ٽاپ ماڊلز ۽ اداڪارائن تي سنگين الزام هنيا ۽ ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي ته هڪ اداري وٽ انهن ماڊلز ۽ اداڪارائن جون  اڻوڻندڙ وڊيوز آهن.

پنهنجي ويلاگ ۾ اداڪارائن جا نالا ڏيڻ بدران، عادل راجا اداڪارن جا نالا شروع ۾ ايندڙ لفظن سان ڏنا، جن ۾ ايم ايڇ، ايم ڪي، اي ڪي، ايس اي شامل آهن.

اداڪارا ڪبريٰ خان انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ لکيو ويو ته ”شروع ۾ مان خاموش رهيس ڇاڪاڻ ته هڪ جعلي وڊيو منهنجي وجود کي ختم نٿي ڪري سگهي پر هاڻ گهڻو ٿي ويو

توهان سوچيو ته جيڪو به مون تي آڱريون کڻندو ۽ مان چپ ٿي وينديس، تنهن ڪري توهان جو خيال آهي ته مسٽر عادل راجا، جڏهن توهان ڪنهن ماڻهو تي الزام لڳايو ته پهريان توهان وٽ ثبوت هجڻ گهرجن

هي به پڙهندا

چپ ويهنداسين، اوهان جي سوچ آهي: عادل راجا جي الزامن تي اداڪارائن جو شديد رد عمل