فلسطين ۽ سامراجي نفسياتي جنگ

0
123
فلسطين ۽ سامراجي نفسياتي جنگ

 صيھونين   اربع  ڏينھن  11 فلسطيني قتل ڪري ڇڏيا. دنيا جا اختيار ڌڻي  عياشين ۾ غرق رھيا.انھن جو ڪو ارادو ناھي  ته مظلوم  فلسطينين کي  بچائن. صيھوني انھن جا لاڏلا آھن. اھي فلسطينين جو ڪوس  ٿا ڪن  ته به جائز ۽ شام  ۾   زلزلي سٽيل ماڻھن  کي مارن ته به مٿن ڪا ميار ناھي. 19 فيبروري تي  اسرائيل شامي گادي دمشق  تي ميزائيل  حملا ڪيا، نتيجي ۾  15 شھري مارجي ويا. 22  فيبروري تي  فلسطين ۾  اردن درياھه جي  اولھه ڪناري  جي نانءُ سان علائقي ۾  نابلس  تي  ڪاھه  ڪري  11  ڄڻا  قتل ڪيا. جن ۾  23  سالن جو ھڪ نوجوان  ۽ 74 ورھين جو ھڪ  پيرسن به شامل ھو. گھٽ ۾ گھٽ 80  گھائجي پيا. انھن کان  اھي اڍائي سئو ماڻھو  الڳ آھن  جن جو  ٽيئر گئس  سبب علاج ڪيو ويو. ان کان اڳ  13 فيبروري تي به صيھونين حملو ڪيو. ھڪ  پناهگير ڪئمپ تي ڪاھه  ڪري  ھنن  ھڪ فلسطيني  نوجوان کي  ماري ڇڏيو ۽ درجنين گھائجي پيا. ان کان اڳ به  فلسطيني ماريا ويا آھن.ھلندڙ سال جي  53 ڏينھن ۾  صيھوني  ڪاسائين 56 فلسطيني قتل ڪيا، جن ۾ ٻار به شامل ھئا. اھڙن واقعن دوران ھڪ  صيھوني  قاتل پوليس آفيسر  به  قتل ٿيو.ھڪ ڀيرو وري  گڏيل قومن جي  سيڪريٽري جنرل  اولھه ڪناري  سميت  فلسطيني علائقن   تي والار   صيھوني ڪاررواين جي نندا ڪئي آھيپر خبر  ناھي ته کيس خبر آھي يا نه ته  ان صيھوني والار توڙي تشدد  جو سلسلو  تڏھن کان  ۽ ان سبب جي ڪري جاري آھي، جڏھن   گڏيل قومن  سامراج جي  ھڪ اوزار  طور  فلسطين اندر  رياست اسرائيل  ٺاھڻ ۾  ھڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو. نه رڳو ايترو پر  اصل رهواسين جي حق تي ڌاڙو ھڻي صيھونين کي  فلسطين  جي  ان کان وڌيڪ زمين ڏني  جيتري فلسطينين لاءِ قرار ڏني.ٻين لفظن ۾  بين الاقوامي نام نهاد برادري  فلسطينين جي ھن  قتل عام  واري سنگين ڏوھه ۾  برابر  شريڪ آھي.جنھن وقت  22  فيبروري تي اھو  خوني  حملو جاري ھو، ان جي ڪنھن نه  ٻڌايل  مرحلي تي   اي ايف پي  جو ھڪ  عيوضي يعني صحافي  مشاھدو ڪري رھيو ھو. ھن موجب  اسرائيلي  فورسز  فلسطينين تي  ٽيئر گئس  فائر ڪري رھيا  ھئا، جيڪي ٽائر ساڙي رھيا ھئا ۽  حملي لاءِ آيل  اسرائيلي فوجي  گاڏين  کي پٿر ھڻي رھيا ھئا. ٻين  لفظن ۾ بي گناھه، بي ھٿيار  فلسطينين  جو  قتل عام  ٿئي ٿو ۽  دنيا  تماشائي  آھي.  دنيا ۾ معاشي قتل عام جاري آھي. اھو ڪوس رڳو يھودي مافيا  نه ٿي ڪري. ٻين اختيارين  جي  برادري به ساڳي آھي. سرمائيدارن جي ان آدمخور ٽولي  جو  انگ  ته ھڪ سيڪڙو  به مس ٿئي  پر  وٽس جيڪي وسيلا آھن  سي دنيا جي  باقي  99  سيڪڙو  آباديءَ  کي حاصل  وسيلن کان  وڌ آھن.سرمائيدار  ٽولا،  ڪي سئو ڏيڍ  ڪارپوريٽ  ڪمپنين  جي صورت ۾  ته ڪي  سندن پڇ لٽڪائو  گروپن  طور  عوام جي حقن تي ڌاڙا  ھڻندا، ماڻھن جو ڪوس ڪندا، دولت  ھٿ ڪندا رھن ٿا. انھن مان ڪن کي  ڪي ليکڪ،  سياسي  ڪارڪن وغيره  قومي سرمائيدار  چون      اھي قومي کيل  ٿيندا رھن ٿا. پر عوام کي ڌوڪو ڏيڻ  جا ٻيا ڪيئي طريقا، حربا، اٽڪلون،طلسم  آھن. عجيب دنيا آھي. ڇو ته اھا انسانن جي دنيا  آھي. جانورن جي دنيا،  ھڪ  اصطلاح ۾  اينيمل  ڪنگڊم  ٻارن لاءِ دلچسپ آھي.  انسانن جي دنيا ان کان وڌيڪ  دلچسپ  آھي. ان ڪري به جو  ھر انسان جي  پنھنجي ھڪ الڳ  دنيا آھي. مھانگائي، بيروزگاري،  ڪھڙي  به سبب  ڪنھن  شخص آپگھات ڪيو، چئبو ته ھن  ھڪ  دنيا  قتل ڪري ڇڏي.ھي دنيا به آپگھات ڪري سگھي ٿي.  ھن وٽ  ھزارين ايٽم بم آھن. اھي دنيا کي ڪيئي ڀيرا ساڙي  ميساري سگھن ٿا. امريڪا، روس،چين، اسرائيل، انڊيا، پاڪستان  وغيره وٽ ايٽم بم آھن. اھي ڪنھن حادثي سان به تباھي پکيڙي سگھن ٿا. پر  دنيا جون طاقتون جتائن  ٿيون ته ٽئين  عالمي جنگ جو  خطرو  آھي. اھڙيون ئي ڪجھه ٻيون  ڊيڄاريندڙ اڳڪٿيون به.صيھوني ڪارٽونن جون اڳڪٿيون.  ترڪيءَ جي زلزلي سٽيل ماڻھن جون رڙيون  گونجن ٿيون.  ان زلزلي ھلندي  صيھوني ڪارٽونن  لاءِ چيو پئي ويو ته انھن ترڪيءَ جي زلزلي  جي اڳڪٿي ڪئي ھئي. پر انھن ڪارٽونن جي  اھا ڳالھه  ھڪ ڌوڪو ھئي، psychological warfare  نفسياتي جنگ  جو ھڪ حصو ھئي.ھڪ گرم جنگ  روس ۽  آمريڪا  وچ ۾  يوڪرين جي زمين تي ٿي رھي آھي، اتي به ھڪ  يھودي ابليس  آھي  زيلينسڪي.ھڪ وڏي جنگ  عالمي طاقتن وچ  ۾ آھي. معاشي جنگ. خاص طور  چين ۽  آمريڪا وچ ۾.  اتي  روس ھڪ  ڀيرو وري  22 فيبروري تي چين سان دوستيءَ  کي  عالمي حالتن ۾ اھم  قرار ڏنو آھي.اھڙيون سرگرميون   جاري آھن، سياسي  اداڪار، سرمائيدارن جا  چمچا  ھڪٻئي سان ملن ٿا، ڊراما ڪن ٿا. پر  دنيا ۾  80 ملين  آباديءَ جي بکن ۾  پاھ ٿيڻ جي ڳالھه نه ٿا ڪن.  چين به سرمائيدار برادريءَ جو آھي.  چين ۾ ھڪ خاص ڳالھه ھي به ٿي جو  صدر  زي جن پنگ  پاڻ کي  تاحيات صدر  قرار ڏياريو  آھي،  لڳ ڀڳ ساڳيءَ ريت  روسي صدر  پيوٽن پاڻ کي  لڳاتار سربراھه قرار ڏياريندو پيو اچي.  اھو سياسي جمود آھي  ۽   سماجي  ڦيٽاڙو به. آمريڪا ۾  پارليامنٽ تي حملو به اھڙي نشاني آھي. انڊيا ۾  انتھا پسند پارٽي جي حڪومت به.سياسي جمود جو سڀ کان وڏو  مظھر  ورڪر  طبقي  ۾  ٻڌي  ۽ تحرڪ جو نه ھجڻ آھي.سڀ کان وڏي ۽ حقيقي جنگ  محنت ڪش طبقي تي مڙھيل آھي. صحافين،  استادن،ڪلرڪن، روايتي يا بنيادي صنعتن جي مزدورن سميت ان ورڪر طبقي کي  چئلينج درپيش آھي  ته اھي پنھنجي  نجات  ۽ بقا لاءِ  جدوجھد ڪن،  طبقاتي سسٽم کي  بدلائڻ  ۽  سموري دنيا جي ترقي لاءِ  اڳتي وڌن. جيڪي قوتون  فلسطينين  جي نسل ڪشي  ۾ ملوث آھن سي ساڳيون قوتون  پورھيت طبقي جون نمبر ون دشمن  آھن.