لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي 150 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت کي سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي، سيڪريٽري جي عهدي تي صباحت رضوي ڪامياب ٿي، نائب صدر جي عهدي تي وڪيل ربيعه باجوه ڪامياب ٿي، بار ۾ عورتن جو ڪل انگ 1772 آهي، صباحت رضوي ڪاميابي بعد چيو ته آئون مظلومن لاءِ آواز اٿارينديس جن جو آواز اٿارڻ لاءِ ڪير به ناهي، چونڊن کان اڳ هن چيو هو ته آئون هڪ وڪيل طور چونڊ وڙهي رهي آهيان، هي اليڪشن ڪنهن مرد يا عورت جي ناهي. هن چيو ته مرداڻي معاشري ۾ عورتن کي  جدوجهد وڌيڪ ڪرڻي پوندي آهي، عورتن کي سدائين اليڪشن وڙهڻ کان روڪيو ويندو آهي ان روايت جو خاتمو ڪنديس. جڏهن ته ربيعه باجوه بار جي تاريخ ۾ هيل تائين نائب صدر جي عهدي تي ڪامياب ٿيندڙ ٽئين عورت آهي، ايوب خان جي دور ۾ هوءَ پهريون ڀيرو بار جي نائب صدر ٿي هئي ان بعد پهرين صدر طور به ڪاميابي ماڻي هئي. 2006ع ۾ ربيعه فنانس سيڪريٽري بڻي هئي، ربيعه باجوه وڪيل تحريڪ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ربيعه باجوه جو چوڻ آهي ته نظرياتي سياست ختم ٿي وئي آهي، چونڊ وڙهڻ مهانگي ٿي وئي آهي، پروفيشنل وڪيل لاءِ ڪروڙين رپيا لڳائي اليڪشن وڙهڻ سولو ڪم ناهي هوندو، پر مون محدود وسيلن سان چونڊ وڙهي ڪاميابي ماڻي ۽ اهو ثابت ڪيو ته ايئن ممڪن آهي.