فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاء نوجوان شاگرد اتحاد جي ميزباني ھيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي گذري. جنهن ۾ نوجوان شاگرد اتحاد جي چيف ڪنوينر عبدالصمد بروھي، عبدالرزاق ٻڳھيو، عبدالنبي چانڊيو، سليم چانڊيو، يوسي فريدآباد جو اڳوڻو وائيس چيئرمين اسحاق چانڊيو، ڪاڇو فورم جي اڳواڻ علي عباس چنا، دڪاندار ايسوسئيشن جي صدر شفيق احمد چنا، عوامي پورھيت تحريڪ اڳواڻ ايڊووڪيٽ رحيم بخش ٻڳھيو سينيئر صحافي احمد علي چانڊيو، اقرار چانڊيو، جدوجهد ڪاميٽي جي ڪنوينر ميھرعلي ڏيرو، جي يو آءِ اڳواڻ گلشير بروھي، ايس ٽي پي اڳواڻ فدا حسين چنا، سنڌ بروھي اتحاد جي اڳواڻ محمد امين بروھي، نوجوان اتحاد جي اڳواڻ نثار احمد خاصخيلي، ساجد ڏيرو، وحيد چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته ميھڙ ۽ فريدآباد علمي ادبي ۽ تاريخي شھر آهن. فريدآباد، ميھڙ جا سياستدان وڪيل، صحافي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ فريدآباد کي تعلقي ۽ ميھڙ کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن، ميھڙ ۽ فريدآباد جي حيثيت ٻين شھرن کان وڌيڪ آهي، ڪاروباري مرڪزي شھر آھن ميھڙ کي ضلعي جو درجو ملڻ گھرجي ۽ فريدآباد کي تعلقي جو درجو ڏئي عوام جي راءِ کي اھميت ڏني وڃي، ھنن سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ کان گھر ڪئي ته فريدآباد کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جو فوري طور نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو وڃي. اي پي سي ۾ سياسي سماجي علمي ادبي، سول سوسائٽي جي نمائندن سان رابطا مھم تيز ڪري عيد بعد مرحليوار تحريڪ ھلائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.