دڙو (ن پ ا) ايم آر ڊي سميت مختلف تحريڪن دوران ھر احتجاج ۾ اڳڀرو رھندڙ سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ماما علي سوڍو جي 14ھين ورسي دڙو لڳ ڳوٺ بچل وڍو ۾ ڪورونا سبب سادگيءَ سان ملھائي وئي. عوامي تحريڪ، ھاري تحريڪ جي اڳواڻن حسين آزاد، مجيد ساگر پرھياڙ، درياخان زئور، عزيز ميمڻ، محمد ڏيٿو، ايوب ٻائيتار، ثناءُ الله سوڍو، عارو سوڍو، مرتضيٰ زئور، بچل مناجو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شھربانو سوڍو ڪارڪنن سان گڏجي ڪامريڊ ماما علي سوڍو جي قبر تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گهري. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪامريڊ ماما علي سوڍي سڄي زندگي ھارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. تر جي ڀوتارن مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ڪرايا، جيل موڪليو، پر هو ڪڏھن به نه جهڪيو. ماما علي سوڍو پليجي جو ويجهو ساٿي ۽ عوامي تحريڪ جو بنيادي ڪارڪن ھو. هن سڄي زندگي عوامي جدوجهد ڪندي گذاري.