فريدآباد (ن پ ا) ڪاڇي واسي کنڀي گُم ڪيل ظفر چانڊيو ۽ رياض خاصخيلي جي آزاديءَ لاءِ وارثن حاجي خان اصخيلي، ذاڪر چانڊيو، علي چانڊيو، ۽ 121 ھين ڏينهن به بُک هڙتال جاري رکندي چيو ته اسان جي نوجوانن کي 12 مهينن کان بيگناھ کنڀي گُم ڪيو ويو آهي جن جي آزاديءَ لاءِ اسين وارث مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهيون اسان جي احتجاج جو ڪوبه نوٽيس نٿو ورتو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جا نوجوان رياض ۽ ظفر بيگناھ آهن تنهن باوجود به اگر هنن تي ڪي به ڪيس وغيرھ آهن ته انهن کي ڪورٽن سڳورين ۾ پيش ڪري ظاهر ڪيو وڃي ته جئين اسان وارثن جي بيچني ختم ٿئي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي، چيف جسٽس آف سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعلي’ اختيارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي بيگُناھ کنڀي گُم ڪيل رياض خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ نوجوانن جي آزاديءَ تائين پُر امُن تحريڪ جاري رهندي.