فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ويجهو ڳوٺ الھڏنو تيوڻو ۾ نوجوان ناري ساجدان ڌي غازي تيوڻو سان گهر ۾ گهڙي مبيناطور جوابدار پاران زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ساجدا تيوڻو پنهنجي امڙ شھزادي پيءُ غازي تيوڻو ۽ معصوم ٻارڙن احتجاج ڪندي دانھيو ته جوابدار رات جي وقت گهر ۾ گهڙي زور تي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي رڙيون دانھون ڪرڻ دوران گهر ڌڻين جي سجاڳ ٿي ھڪلن دانھن تي جوابدار فرار تي ويو. ناري جي والد غازي تيوڻو چيو ته جوابدار رستم تيوڻو گهر ۾ گهڙي نياڻي ساجدان سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس وٽ قرآن پاڪ کڻي وڃي دانھڻ باوجود پوليس ڪوبه تدارڪ نه نٿي ڪري، ھن چيو ته ظلم زيادتي خلاف دانھون ڪرڻ تي جوابدار رستم ،عباس ،واحد ،صابر ۽ ٻيا ڏمرجي پيا آهن جن نياڻي سان زيادتي ڪرڻ باوجود به گهر ۾ گهڙي جهيڙو ڪري ڏاڍ مڙسي ڪئي آهي.ھنن ايس ايس پي دادو آء جي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارن کان گھر ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڌر رستم تيوڻو جي پيءُ غلام عباس تيوڻو ۽ سندس سئوٽ علي مرتضي تيوڻو پريس ڪلب فريدآباد پهچي دانھيو ته منهنجي پٽ رستم مٿان ناري ساجدان تيوڻو سان زيادتي ڪوشش جو الزام غلط ۽ بي بنياد آهي. پٽ بيگُناھ آهي. غازي سان اسان جو سڱاوتي مسئلو آهي جنهن ناري ساجدان تيوڻو جو سڱ پيسن عيوض منهنجي سئوٽ سرور تيوڻو جي پٽ وقار تيوڻو کي ڏنو آهي جنهن ۾ آءُ شاهد آهيان. ڪجھ ڏينھن اڳ مون ڏي غازي تيوڻو آيو ۽ چيائين ته تون شاهدي نه ڏي ته جيئن اهو سڱ کائي وڃان ۽ ڪنهن ٻي کي پئسن عيوض وڪرو ڪري ڏيان. هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدر آباد ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته مامري جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.