ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ ۾ واپاري جي گھران 40 لک جي چوري جوواقعو پيش آيو آهي. ان ڏس ۾ گذريل رات ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميهڙ شهر جي اسلام آباد محلي ۾ واقع واپاري محرم جهتيال جي گهر ۾ نامعلوم چور داخل ٿي گهر جي ايلماڙين ۽ لاڪر ۾ پيل 30لک رپيا روڪ رقم، 10لک رپين جي ماليت جا سونا زيور جنهن ۾ 8سونيون چوڙيون 2سونا هار ،4سونيون مڊيون ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻڌايو پيو وڃي، اهڙي رپورٽ گهر ڌڻي واپاري محرم جهتيال ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي نامعلوم چورن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي آهي ،چوري واقعي جي رپورٽ داخل ڪرڻ کان پوء ايس ايچ او نورمصطفي پٺاڻ واقعي واري هنڌ پهچي ٿيل چوري بابت تفصيل ورتا جڏهن ته رپورٽ داخل ڪرڻ باوجود پوليس چوري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي.