حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو جي آپريشنل سرڪل ٽيم لطيف آباد سب ڊويزن ۾ ڪارروائي ڪندي 100 ڪي وي اي جا لڳل 2 ٽرانسفارمر پنهنجي قبضي ۾ وٺي ملوث عملي خلاف جاچ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. حيسڪو ترجمان پاران جاري سرڪيولر موجب پنهور ڳوٺ ۽ دامن ڪوهسار ۾ ڪارروائي ڪري ٽيم بجلي جي ٿنڀن تي لڳل 100 ڪي وي اي جا 2 ٽرانسفارمر لاهي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن، آپريشنل سرڪل جي سپرٽينڊنٽ انجنيئر ڪارروائي کانپوءِ نوٽيفڪيشن ذريعي حيسڪو جي ڊائريڪٽر کي سفارش ڪئي آهي ته پنهور ڳوٺ ۽ دامن ڪوهسار ۾ 100 ڪي وي اي جا 2 غيرقانوني طور ٽرانسفارمر لڳل هئا ۽ رهواسين ڪوهسار سب ڊويزن جي اڳوڻي ايس ڊي او طاهر حبيب، لائين مين ظهير احمد، انچارج ايل ايس ۽ ٻي اسٽاف تي ملوث هئڻ جو الزام هنيو آهي. اهڙي عمل سبب حيسڪو ڪمپني کي ڪافي معاشي نقصان پهتو آهي جڏهن ته عوام جي نظرن ۾ پڻ حيسڪو جي معيار بابت خراب اثر پيا آهن ان ڪري ڄاڻايل مسئلي کي اوليت جي بنياد تي ڏسي ملوث عملدارن خلاف جاچ ڪئي وڃي. واضح رهي ته حيسڪو پاران ڪارروائي بعد ڄاڻايل علائقن جي رهواسين احتجاج ڪيو هو ۽ سندن دعويٰ هئي ته انهن اڳوڻي ايس ڊي او کي پنهور ڳوٺ جو ٽرانسفارمر لڳائڻ لاءِ ساڍا 3 لک رپيا ڏنا هئا.