لاهور (م ڊ) پنجاب جَي وڏي وزير جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ پروٽوڪول نه ملڻ تي سيالڪوٽ جِي عورت اسسٽنٽ ڪمشنر تي ڌمرجي پئي، فردوس عاشق اعواڻ وچ بچت بازار ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر کي دڙڪا ڏنا، چيف سيڪريٽري واقعي جي مذمت ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ جي بازار جو دورو ڪيو ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن جو جائزو ورتو. دوري دوران خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ اسسٽنٽ ڪمشنر سيالڪوٽ کي وچ بازار ۾ دڙڪا ڏنا. اهڙي وڊيو به وائرل ٿي وئي . وائرل وڊيو ۾ فردوس عاشق اي سي کي چيو ته ڪامورا شاهي جو نتيجو حڪومت ڀوڳي رهي آهي، اوهان اسسٽنٽ ڪمشنر آهيو، عوام کي منهن ڏيو، چپ ڇو آهيو؟ جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سونيا صدف چيو ته رش سبب پوئتي رهجي ويس، جنهن تي فردوس عاشق اعواڻ کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان کي ته ڪنهن مقرر ڪيو آهي، رش سڀني لاءِ آهي، اوهان آسمان تان لٿيون آهيو ڇا؟، فردوس عاشق اعواڻ جي اڍنگي رويي سبب اسسٽنٽ ڪمشنر هلي وئي. جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر سونيا صدف چيو ته فردوس عاشق اعواڻ جو رويو برداشت جوڳو نه هو، هوءَ آرام سان به ڳالهائي پئي سگهي، گرمي ۾ فروٽ خراب ٿيندو رهندو آهي، فروٽ خراب ٿيڻ ۾ ڪهڙي انساني غلطي هئي؟.ٻئي طرف پنجاب جي چيف سيڪريٽري به اسسٽنٽ ڪمشنر سونيا صدف جي حمايت ڪري ڇڏي، چيف سڪريٽري پنجاب فردوس عاشق اعواڻ جَي رويي جي مذمت ڪندي سخت گرمي ۽ ڪورونا جي وبا باوجود سونيا صدف سوڌو ٻيا آفيسر فرنٽ لائين تي آهن، سرڪاري آفيسر يا عملي سان غيراخلاقي ٻولي ڳالهائڻ مذمت جوڳي آهي، پوري صوبي ۾ آفيسر ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا، ڪنهن کي به نه ٿو سونهي ته سرڪاري آفيسرن جي تذليل ڪري. چيف سيڪريٽري فردس عاشق اعواڻ جي اسسٽنٽ ڪمشنر سان اڍنگي رويي جي وزيراعليٰ عثمان بوزدار کي شڪايت ڪري ڇڏي.