اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار عثمان ڊار به سيالڪوٽ جي عورت اسسٽنٽ آفيسر سان پيش آيل واقعي تي ڳالهائيندي چيو آهي ته عورتن آفيسرن جو گڊ گورننس ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، سونيا صدف قابل آفيسر آهي، کيس ذاتي طور سڃاڻان ٿو، سونيا صدف جو سيالڪوٽ جي رمضان بازارن ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر سان پيش آيل واقعي تي افسوس ٿيو.