اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۽ ملڪي معيشت جي جائزي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر، وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، شفقت محمود، اسد عمر، فواد چوڌري، گورنر خيبر پختونخوا شاهه فرمان، خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، ڪي پي ڪي جي صوبائي وزيرن ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان پارٽي جي سينيئر اڳواڻن کان تجويزون طلب ڪيون ويون آهن، اجلاس ۾ مهانگائي کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ شامل ٿيندڙ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ترقياتي بجيٽ هوندي، جنهن ۾ تمام رجحان معاشي ترقي تي هوندو، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪري نوان منصوبا به شامل ڪيا ويندا، جنهن سان معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جي ڊي پي جو رجحان وڌندو ۽ ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ٿيندو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا سبب سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي آهي پر حڪومت جي جامع پاليسين سبب ملڪي معيشت جو ڦيٿو هلندڙ آهي، ڪوورنا جي موجوده وبا ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون کان پهريان ٽيڪس وصوليون گذريل سال اپريل کان لڳ ڀڳ ٻيڻ تي وڌيڪ رڪارڊ ٿيون آهن، وزيراعظم کي مهانگائي تي ضابطي لاءِ ٺاهيل تفصيلي حڪمت عملي کان به آگاهه ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، جاري ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ سان گڏ عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي منصوبن کي به حتمي شڪل ڏني وڃي، وزيراعظم ترقياتي منصوبن سان گڏ مهانگائي جي شرح کي روڪڻ تي به خاص ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.