فرانس سوڌو سمورن يورپي ملڪن کي معاملي جي سنگيني کان آگاهه ڪيو وڃي: ٺهراءُ

0
392

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ بحث لاءِ پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ فرانسيسي مئگزين طرفان ناموسِ رسالت ﷺ جي توهين جي سخت لفظن ۾ مذمت، ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته توهين رسالت تي فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري مسئلي تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو وڃي، فرانس سوڌو سمورن يورپي ملڪن کي معاملي جي سنگيني کان آگاهه ڪيو وڃي، عالمي لاڳاپن جا مامرا رياست کي طئه ڪرڻ گهرجن، ڪوبه فرد، گروهه يا جماعت عالمي لاڳاپن حوالي سان بنا جواز دٻاءُ نٿا وجهي سگهن، صوبائي حڪومتون سمورن ضلعن ۾ احتجاج لاءِ هنڌ طئه ڪن، احتجاج رستن بدران مخصوص جاين تي ڪيو وڃي ته جيئن عوام لاءِ ڪي به رڪاوٽون پيدا نه ٿين.