اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي خاص اجلاس ۾ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ۽ اسپيڪر اسد قيصر جي وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي. حڪومت فرانسيسي سفير جي ملڪ بدريءَ جي حوالي سان ايوان ۾ قرارداد پيش ڪئي ۽ ان ڏس ۾ هڪ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن جي اپوزيشن طرفان مخالفت ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته ”جي شاهد صاحب، توهان ڳالهايو.“ شاهد خاقان عباسي اسپيڪر جي روسٽرم تي پهچي ويو ۽ چيو ته “توهان کي شرم نٿو اچي؟” قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر شاهد خاقان کي چيو ته ، ”توهان پنهنجي ٻولي درست رکو، توهان هميشه ايئن ڳالهائيندا ۽ اهڙو طرز عمل اختيار ڪندا آهيو.“ ان تي شاهد خاقان چيو ”مان توهان کي جوتو لاهي هڻندس“ تڏهن اسپيڪر چيو ، ”مان به اهو ئي ڪندس، توهان پنهنجي حدن ۾ رهو.“