ٺٽو (رپورٽر) سنڌ سڀا پاران ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڪراچيءَ جي سنڌي وسندين کي بحريه ٽائون انتظاميا پاران مسمار ڪرڻ خلاف حيدرآباد کان نڪتل احتجاجي پيادل قافلو ٺٽي کان ٿيندو پريس ڪلب مڪلي پھتو، سنڌ سڀا جي اڳواڻن انعام سنڌي، اصغر باغي، اسلام آرائين، راجا مزمل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پوري سنڌ ۾ ڌاريان آباد ٿي ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪري سندن وسيلن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪري رهيا آهن، جيڪا مقامي رھواسين سان وڏي ناانصافي آھي. ھنن چيو ته غير سنڌين کان ملڪيتون واپس وٺي کين ووٽ جي حق کان محروم ڪيو وڃي. ھنن چيو ته سندن احتجاجي قافلو ملير پهچي متاثر مراد گبول ۽ ٻين ڳوٺن جو دورو ڪرڻ بعد بلاول هائوس پهچندو، جتي احتجاجي يادداشت نامو پيش ڪيو ويندو. ھنن گھر ڪئي ته ڌارين آبادڪاري ختم ڪري مقامي ماڻھن جي وسيلن توڙي ملڪيتن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائي ڌرتي ڌڻين سان انصاف ڪيو وڃي.