نوشهروفيروز (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ خلاف اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ شامل ماڻهو اسپتال جا مسئلا حل ڪيو جا زوردار نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن يونس راڄپر، خادم سيال، رمضان مڱڻيجو ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ ايندڙ ڪيترائي مريض وينٽيليٽر نه هجڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي چڪا آھن پر هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود وينٽيليٽر انسٽال نه پيا ڪيا وڃن، هنن چيو ته سول اسپتال ۾ وينٽيليٽر انسٽال ڪري اسپتال کي اپ گريڊ ڪري ضلعي جو درجو ڏئي سموريون طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ وزير صحت رھائشگاهه آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.