هالا (ن پ ا) هالا جي ڳوٺ دودو ميربحر ۾ مبينا طور ڀتو نه ڏيڻ تان هٿياربندن پاران گهر تي حملو ڪري چئن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ ۽ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ جي خلاف ڳوٺاڻن محمد اشرف ملاح، مختيار علي ملاح، اياز علي ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڳوٺاڻن چيو ته ڳوٺ جي بااثر ماڻهن مرتضىٰ ملاح، سڪندر علي ملاح، ولي محمد ملاح، شفيع ملاح، فدا حسين ملاح، ڪامران ملاح ۽ ٻين ڀتو نه ڏيڻ تان اسان جي گهر تي هٿيارن سان حملو ڪري گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن تي لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري چئن ڄڻن محرم علي، اياز علي، شيراز ۽ برڪت کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، حملي جو اطلاع سيکاٽ پوليس کي ڏنو ويو مگر سيکاٽ پوليس اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتي جڏهن اسان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ وياسون ته ايس ايچ او سيکاٽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌڪا ڏئي ٿاڻي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هنن مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.