ڪرمپور/ غوثپور (نمائندن وٽان ) ڪنڌڪوٽ جي مائڪرو فنانس بينڪ جا 5 ملازم جمال ۽ غوثپور واري علائقي مان گم ٿي ويا، وارثن پاران سندن موبائل بند هئڻ سبب اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي اطلاع ڏنو. الطاف حسين گولو ريجنل مئنيجر، گلاب ڏاهاڻي، فرمان لانگاھ لون آفيسر آهن، شاهنواز نصيراڻي گارڊ ۽ محمد عالم گولو ڊرائيور آهي.  پنج ئي ڄڻا بينڪ ٽائيم کانپوء مختلف ڳوٺن ۾ لون اڳاڙي لاءِ نڪتل هئا ۽ واپس نه پهتا مائڪرو فنانس بينڪ جي سڀني ملازمن جا نمبر بند ٿيڻ بعد ڪيري گاڏي سميت گم ٿي ويا وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي پڻ  اطلاع ڪيو ويو. پوليس بينڪ جي پنج ملازمن جا موبائل نمبر ٿيڻ جي تصديق ڪندي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي اغوا ٿيل گلاب ڏاهاڻي جي وارث خادم حسين ڏاهاڻي ٻڌايو ته گلاب بينڪ ۾ ملازم آهي عملي سان گڏ جمال ۽ غوثپور واري علائقي ۾ ويل هئا واپس نه اچڻ تي فون ڪئي ته سڀني جا نمبر پيل هئا جنهن کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڪيو آهي. پوليس موجب موبائيل آخري لوڪيشن دڙي ويجهو  ڳوٺ شير پٺاڻ وٽ بند ٿي ويون آهن