پنو عاقل (ن پ ا) سکر پوليس ڪشمور جي ڪچي ۾ ڪارروائي دوران مغوي شوڪت ڪورائي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، ايس ايس پي موجب مغوي کي ڪشمور جي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته ڏوهاري فرار ٿي ويا، هوڏانهن ان کان اڳ مغوي جي وارثن ۽ ڪورائي برادري جو ڪٺ ٿيو، جنهن ۾ مغوي جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ تي پاڻ ڪچي ۾ لھڻ جو چتاءُ ڏنو ويو هو، ياد رھي ته ٻه ڏينهن اڳ شوڪت ڪورائي کي اغوا ڪيو ويو ھو، ھفتي اندر پنوعاقل مان 4 ماڻھو اغوا ٿي ويا آھن.