ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) عيد ڏهاڙي گهران دوستن سان سيرو تفريح لاء نڪتل ڪنڌڪوٽ جي گوليمار واسي لياقت شيخ، محبوب ملڪ، ڪراڙو ملڪ جي وارثن اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪئي. وارث راڻو شيخ ٻڌايو ته ڌاڙيلن فون ڪري هڪ هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو آهي، ڀنگ جا پئسا نه ڏيڻ تان 3 مغوين کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ٽنهي نوجوانن جي اغوا جي تصديق ٿيڻ بعد وارث پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.