ٺل (ن پ ا) ٺل جي ڳوٺ ڪريم آباد جي رهواسي ٻن مزدورن عبدالرشيد جعفري ۽ انيس احمد بروهي رڪشا تي ڪنڌڪوٽ ۾ ٽماٽر وڪرو ڪري ويندي تنگواڻي ڀرسان ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويا. اطلاع تي ٺل جي بي سيڪشن پوليس رهزن ڍورو وٽ مبينا مقابلي بعد عبدالرشيد جعفري کي بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته هٿياربند انيس بروهي کي کڻي ويا. پوليس پاران بازياب ڪرايل عبدالرشيد جعفري جو چوڻ هو ته ڪنڌڪوٽ ٽماٽر وڪرو ڪري واپس اچي رهيا هئاسين ته چار هٿياربند اغوا ڪري ويا، پوليس مونکي بازياب ڪرايو ۽ هٿياربندن انيس بروهي کڻي ويا. جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعن جي پوليس رينجرز سان گڏجي ٺل جي سرحدي پٽي ڪچي وارن علائقن ڳوٺ گلاب بنگلاڻي ۽ ڳوٺ محمد ۾ ڪاروايون ڪري ڏوهارين جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي باهيون ڏئي ساڙي 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو.ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه چيو ته عبدالله عرف مڇو گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو مڇو گينگ اغوا ڪرڻ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهي،آخري ڏوهاري جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.