ڪراچي: مانسهره ڪالوني ۾ گاڏي ۾ آپگهاتي ڌماڪو ، 2 دهشتگرد مارجي ويا

0
37

ڪراچي جي علائقي لانڍي جي مانسهره ڪالوني ۾ پرڏيهين جي گاڏي تي آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا

ايس ايس پي ملير طارق مستوئي موجب آپگهاتي حملو گاڏي تي ٿيو.ڌماڪي بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو

پوليس موجب ڪار ۾ پرڏيهي سوار هئا جن کي نشانو بڻايو ويو، ڌماڪي وقت فائرنگ پڻ ڪئي وئي.ڌماڪي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا

پوليس موجب واقعي ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، پر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ 45 ورهين جي نور محمد ۽ 45 ورهين جي لنگر خان جي نالن سان ٿي آهي. ٻئي سيڪيورٽي گارڊ هئا ۽ پرڏيهين جي حفاظت لاءِ ساڻن ڪار ۾ ويٺا هئا.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جو شڪار ٿيل پرڏيهين جي گاڏي ڀرسان موٽرسائيڪل پڻ ملي آهي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ متاثر گاڏي جو اڳيون حصو سخت متاثر ٿي ويو

پوليس موجب آپگهاتي حملي جو شڪار ٿيل وين ۾ 5 پرڏيهي سوار هئا، وين ۾ سوار سمورا پرڏيهي محفوظ آهن، پرڏيهين کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. ڌماڪي ۾ هڪ آپگهاتي بمبار مارجي ويو جڏهن ته سندس ٻيو ساٿي پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو

پوليس موجب شروعاتي اطلاعن موجب مقابلي ۾ مارجي ويل ٻئي دهشتگرد به خودڪشي ڪئي، مارجي ويل دهشتگرد جي جسم سان هڪ آپگهاتي جيڪٽ ۽ گرنيڊ به بند هو، ڌماڪي واري هنڌ ڀرسان هڪ گاڏي ۽ موٽرسائيڪل کي به نقصان پهتو. بم کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو ويو، اسڪواڊ ٽيم واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪندي

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ پرڏيهي ڪم ڪن ٿا، وين کي موٽرسائيڪل سوار آپگهاتي بمبار نشانو بڻايو، واقعي واري هنڌ وٽان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ دستي بم سان ڀريل بيگ به هٿ ڪيو ويو آهي

اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي زخمين ۾ نور محمد، لنگر خان ۽ سلمان رفيق شامل آهن، جن مان 2 جي حالت نازڪ آهي. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن ۾ ڪوبه غير ملڪي شامل ناهي