عيد کان اڳ عوام تي مهانگائي جو وار، حڪومت پيٽرول ساڍا 9 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو، ڊيزل 3.32 رپيا ليٽر سستو

0
44

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت عيد کان اڳ عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائيندي پيٽرول 9 رپيا 66 پيسا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو

ان ڏس ۾ وفاقي سرڪار مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيسجندڙ  عوام عوام جو ڪو احساس ڪرڻ بجاء عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو , في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 9 روپيا 66 پيسن جي واڌ , جڏهن ته هاء اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر تي 3 روپيا 32 پيسن جي گهٽتائي ڪئي وئي آھي

وفاقي سرڪار عيد کان ڪجھ ڏينهن اڳ عوام کي عيدکان اڳ  مهانگائي  جو تحفو ڏيندي پيٽرول جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ ڪري ڇڏي آھي ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب في ليٽر پيٽرول جي قيمتن ۾ 9 روپيا 66 پيسن جي واڌ ڪئي وئي آھي جنهن بعد پيٽرول جي في ليٽر جي قيمت 279 روپيا 75 پيسن کان وڌي 289 روپيا 41 پيسا تي پهچي وئي آھي

نئين مقرر ٿيل قيمت اڄ کان لاڳو تصور ٿيندي اهڙي ريت وفاقي سرڪار في ليٽر هاء اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ 3 روپيا  روپيا 32 پيسن جي گهٽتائي  ڪئي وئي آھي جنهن بعد هاء اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر جي قيمت 285 روپيا 56 پيسن کان گهٽ ڪري 282روپيا 24 پيسا مقرر ڪئي وئي آھي. نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ به لاٿ ڪئي وئي آهي

گاسليٽ ٻه رپيا 27 پيسا في ليٽر سستوڪيو ويو آهي، جنهن بعد گاسليٽ جي نئين قيمت 186 رپيا 39 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. لائيٽ ڊيزل 38 پيسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي. نئين قيمت 167 رپيا ۽ 80 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي

ان کانسواءِ اوگرا پاران ايل پي جي جي قيمتن ۾ به لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن تحت في ڪلو قيمت ۾ 6 رپيا 44 پيسا لاٿ ڪئي وئي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي برقرار رکي وئي آهي ٻنهي شين تي 60_60 رپيا ليوي مقرر ڪئي وئي آهي