لاهور (م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيوآهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا اجلاس ۾ آءِ ايم ايف شرط پورا ڪرڻ لاءِ وزيرن کي حدف ڏئي ڇڏيا آهن. ماڊل ٽائون لاهور ۾ مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ وزيراعظم سمورن وزيرن لاءِ پنج سالن لاءِ حدف مقرر ڪيا هر وزارت کي ٻڌايو ويو ته اوهان کي شارٽ ٽرم ۽ لانگ ٽرم لاءِ ڪهڙا پروگرام هجڻ گهرجن. پاڪستان جي وزيراعظم اهو فيصلو ڪيو آهي ته هر وزير جي ڪارڪردگي کي ڏٺو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم هر وزير  کي جيڪي حدف ڏنا آهن،  انهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڏٺو ويندو ته اهي حدف حاصل ڪيا ويا آهن يا نه. لکت ۾ سمورن وزيرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اوهان کي ڪهڙا ڪهڙا حدف ڏنا ويا آهن. فنانس جي وزير کي به حدف ڏنا ويا آهن جنهن ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽلائزيشن جو حدف ڏنو ويو آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته پهريون ڀيرو وزارتن کي اهي حدف لکت ۾ ڏنا ويا آهن  هاڻ هن ملڪ ۾ هڪ متوازن ڪابينا عمل ۾ آئي آهي، احتساب جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي. واپاري خساري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ناڻي جي مٽاسٽا ذخيرن کي وڌائڻ حدف آهي. سڄي دنيا ۾ اسان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي تعريف ڪئي پئي وڃي. سڄي ملڪ ۾ جديد ڊجيٽل نظام کي آڻڻ جو ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ غيرقانوني هٿيارن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو حدف ڏنو ويو آهي. اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ به حدف ڏنا ويا آهن. اهڙي طرح قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. تعليمي ادارن، صنعت ۽ واپاري جي تعاون سان انهي کي اڳيان وڌائڻ جو حدف ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڊسمبر 2027 تائين عرب ملڪن جي برآمدات ۾ اضافي جو حدف ڏنو ويو آهي. دوست ملڪن سان واپار ۽ لاڳاپن ۾ اضافو، خواندگي جي شرح جي حوالي سان ۽ جيڪي ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن انهن جي تعليم لاءِ به حدف ڏنا ويا آهن. پي آءِ اي جي نجڪاري کي فوري طور تي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.