پوليس تي حملا ۽ وزير باتدبير جو موقف

0
32
‘پوليو فري پاڪستان’ جو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو؟
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

سنڌ ۾ امن امان جون حالتون اڳ ۾ گهڻيون خراب هيون پر موجوده حڪمرانن طرفان واڳون سنڀالڻ کانپوءِ اهي ابتريءَ جي واٽ تي هلي پيون آهن. انهن جو نئون رخ اهو آهي ته هاڻي سنڌ ۾ پوليس تي به حملا ۽ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ شروع ٿي وئي آهي. ڪالهه هڪ ئي ڏينهن ۾ پوليس تي ٿيل ڌار ڌار ٽن حملن ۾ ٻه اي ايس آئيز شهيد ٿي ويا آهن ۽ ٽن اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون آهن. گهوٽڪي باءِ پاس تي موٽرسائيڪل سوارن فائرنگ ڪري ڊيوٽي تان واپس گهر ويندڙ اي ايس آءِ کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀريا روڊ ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ ڪوٽ لالو ٿاڻي جو اي ايس آءِ ڊيوٽي تي ويندي شهيد ڪيو ويو آهي. شڪارپور ويجهو انڊس هاءِ وي جي شجراع لاڙي وٽ گشت ڪندڙ پوليس موبائل تي هٿياربندن راڪيٽ فائر ڪري ٽن اهلڪارن کي زخمي ڪري ڇڏيو. سنڌ جي گهرو معاملن جي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري امن قائم ڪري ڏيکارينداسين. ڪراچي ۾ وڏا ڏوهه نه پيا ٿين، ‘رڳو’ اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو آهي، جنهن تي ضابطو آڻينداسين. منتري موصوف اهو پڻ چيو ته سمورن هاءِ ويز ۽ رستن تي مسافر سڪون سان سفر ڪري رهيا آهن. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا ٿين ٿا.

هڪ انتهائي منظم رٿابنديءَ سان سنڌ ۾ افراتفري پيدا ڪئي پئي وڃي. هن ڀيري امن دشمن ماڻهن جو نشانو پوليس اهلڪار آهن، جن جو ڪم عوام جو تحفظ ڪرڻ آهي پر اهي پنهنجو تحفظ به نه پيا ڪري سگهن. معاملو رڳو ڌاڙيلن جو نه آهي. سنڌ ۾، لڳي ايئن ٿو ته مختلف بدخواهه قوتون سرگرم ٿي ويون آهن. ماڻهن تي اعصابي جنگ مڙهي وئي آهي. شديد خوف پيدا ڪيو پيو وڃي ته جيئن ماڻهو هراس ۾ حواس وڃائي ويهن ۽ ڪنهن ٻئي معاملي تي نه سوچين. اڳتي صرف ڪچي جي پوليس چوڪين تي حملا ٿيندا هئا يا وري آپريشن دوران پوليس ڌاڙيلن جي حملن جو نشانو بڻجندي هئي پر هاڻي ته گشت دوران به پوليس تي حملا ڪيا پيا وڃن. ايتري قدر جو ڊيوٽي تي ايندڙ ۽ ويندڙ اهلڪارن کي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو پيو وڃي. ان سان ائين ٿيندو ته پوليس ٿاڻن تائين محدود ٿي ويندي ۽ عوام ڏوهارين جي رحم ۽ ڪرم تي رهجي ويندو. اسان سمجهون ٿا ته امن امان قائم ڪرڻ ۾ سنڌ انتظاميا بدترين نموني ناڪام ٿي چڪي آهي. جهڙي بي امني جي حالت هن وقت آهي، اهڙي صورتحال نگرانن جي دور ۾ به نه هئي. عوام ٽيڪس ڏئي ٿو ۽ رياست جي ذميواري عوام جو تحفظ آهي پر عوام ته پري جي ڳالهه، پوليس اهلڪار به پنهنجو تحفظ نه پيا ڪري سگهن. موجوده حڪمرانن واڳون سنڀاليندي ئي ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ مختلف وقتن تي ان جو ورجاءُ ٿيندو رهيو. وچ ۾ جيڪو بهانو هو، سو اهو ته وفاق سندن مرضيءَ موجب آءِ جي سنڌ جي مقرري نٿو ڪري ۽ اها مقرري به سنڌ انتظاميا جي مرضيءَ موجب ٿي پر ان جي باوجود به سنڌ انتظاميا آپريشن جي سکڻن اعلانن کان اڳتي وڌي ناهي سگهي. گهرو معاملن جو منتري موصوف فرمائي ٿو ته هاءِ ويز ڌاڙيلن جي قبضي ۾ ناهن. ظاهر آهي ته ڪمانڊوز جي گهيري ۾ هلندڙ وزيرن کي ڪيئن خبر پوندي ته سنڌ ۾ شاهراهن ۽ رستن تي هلڻ جوکم کان خالي نه آهي. سنڌ جا حڪمران جيڪڏهن بنا پروٽوڪول جي انهن روڊن تي هلن ته کين اندازو ٿيندو ته سنڌ جا ماڻهو ڪهڙيءَ ريت ڏوهارين جي نشاني تي آهن. گهرو معاملن جي وزير کي اهو پڻ اطمينان آهي ته ڪراچيءَ ۾ ‘رڳو’ اسٽريٽ ڪرائيم آهي پر ڪا وڏي واردات نٿي ٿئي. اسان جو وزير باتدبير کان اهو سوال آهي ته موصوف وڏي واردات ڇا کي ٿو چوي؟ ڪراچيءَ اسٽريٽ ڪرائيم دوران مزاحمت تي ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، ڀُنگ خاطر اغوا جون وارداتون ٿي رهيون آهن، ڇا اهي وڏيون وارداتون ناهن؟

سنڌ ۾ هن ڀيري جهڙي نموني سان ڏوهن ۾ واڌ نظر اچي ٿي، ان مان اها ڳالهه محسوس ڪري سگهجي ٿي ته ڏوهن جي ايڪسيليٽر تي ڪن اڻ ڏٺل قوتن جو پير آهي. سنڌ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ هاڻي ته ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به شروع ٿي وئي آهي. ساڃاهه وند، استاد، سياسي ڪارڪن، توڙي پوليس اهلڪارن کي نشانا چٽي قتل ڪيو پيو وڃي. هر ڀيري ڏوهارين خلاف آپريشن جا اعلان ته ڪيا وڃن ٿا پر خبر ناهي ته ڪهڙي مجبوري ۽ مصلحت آهي جو سنڌ انتظاميا ان ڏانهن وک وڌائي نه سگهي آهي. سنڌ ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ، ساڃاهه وندن، سياسي ڪارڪنن کي نشانا چٽي قتل ڪرڻ ۽ ڀنگ خاطر اغوا جي وارداتن تي سنڌ جي حڪمرانن کي ڳڻتي نه هجڻ به وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي. ان ڪري معاملي جي سنگينيءَ کي محسوس ڪندي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو وڃي. جڏهن عوام جي تحفظ جي ذميوار پوليس به پنهنجو ئي تحفظ نٿي ڪري سگهي ته پوءِ عوام جو تحفظ ڪير ڪندو؟