سنڌ جي وسيلن بابت فيصلا ڪير پيو ڪري؟

0
106
سنڌ جي وسيلن بابت فيصلا ڪير پيو ڪري؟

 ملڪ ۾ سولين ادارن جي هيڻائي عالم آشڪار آهي. چونڊيل حڪومتن جي دور ۾ به هاڻي اهم ملڪي فيصلا مارشلائي ۽ ون يونٽ وارن دورن جيان ٿيڻ لڳا آهن. هونئن ته ملڪ جي اندروني معاملن ۾ فيصلي سازيءَ جو اهو طريقو به نئون ناهي پر هاڻي بنهه هيٺين سطح جا فيصلا به مٿين فورمن تي ٿيڻ لڳا آهن. اصولي طور تي ملڪي سطح جي فيصلن جا ادارا وفاقي ڪابينا ۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ آهن، جڏهن ته صوبائي سطح تي ان لاءِ صوبائي ڪابينائون لاڳاپيل فورم آهن. انهن سمورن ادارن هوندي گذريل پي ڊي ايم حڪومت دوران اسٽريٽيجڪ انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) نالي هڪ نئون ادارو جوڙيو ويو. ان اداري گذريل ڪجهه مهينن اندر تمام تڪڙا اجلاس ڪوٺايا آهن ۽ هاڻي ان جي گڏجاڻين جي ايجنڊا ۾ ذري گهٽ هر شعبو شامل ٿي ويو آهي. ان ڪائونسل جي ايجنڊا کي ڏسي لڳي ٿو ته ڄڻ وفاقي ۽ صوبائي ڪابينائون توڙي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي عملي طور ڪابه ضرورت ناهي رهي.

گذريل هفتي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين سر ڪيل جوڙجڪ ۾ 8 مان 4 ميمبر پنجاب صوبي سان تعلق رکندڙ آهن. جيئن ته سنڌ مان چونڊيل پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿي ۽ نواز ليگ وٽ سنڌ مان ڪوبه سنڌي ڳالهائيندڙ وزير ناهي. نتيجي ۾ ڪائونسل جي 8 ميمبرن ۾ سنڌ مان رڳو هڪ ميمبر شامل آهي. ان اداري ۾ فيصلا گهڻائيءَ جي راءِ سان ڪيا ويندا آهن. ان صورت ۾ سنڌ جي وفاق سان اختلافي معاملن تي ڪهڙا فيصلا ٿيندا، اهو پڌري پٽ نظر اچي رهيو آهي.

صفا مٿان کان ٿيندڙ فيصلن جو اهڙو ئي هڪ منظر گذريل نگران حڪومت ۾ ارسا ترميمي آرڊيننس منظور ڪرائڻ وقت نظر آيو. ان فيصلي ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فورم کي پٺيءَ ڀر اڇليو ويو ۽ ان ڪم لاءِ ڪابينا کي استعمال ڪيو ويو. ڪابينا ۾ ٽن چئن ميمبرن جي مخالفت جي باوجود اهو آرڊيننس زوريءَ پاس ڪرايو ويو. جيتوڻيڪ عوامي دٻاءَ سبب ان آرڊيننس هيٺ چيئرمين جي مقرري رد ٿي وئي پر آرڊيننس جيئن جو تيئن موجود آهي. نه ان کي پارليامينٽ ۾ آڻي ختم ڪرايو ٿو وڃي ۽ نه صدر صاحب پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪري ان کي ختم ٿو ڪري. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايڏا اهم ۽ تڪراري فيصلا ڪهڙي سطح تي ٿي رهيا آهن.

ان ئي ڏس ۾ سنڌ جي زمينن ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ بابت فيصلا پڻ بنهه مٿئين سطح تي ٿي رهيا آهن. نئين چونڊيل وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قسم کڻڻ کانپوءِ چيو هو ته نگران حڪومت پاران سنڌ جون زمينون ڏيڻ واري فيصلي کي ختم ڪيو ويندو پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس ڪابينا ڪارپوريٽ فارمنگ واري رٿا جي پٺڀرائي ڪئي. هن وقت صورتحال اها آهي ته ناري ريگستان ۾ هڪ خانگي ڪمپنيءَ کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ مليل 25 هزار ايڪڙ زمين لاءِ نارا ڪئنال مان پاڻي ڏيڻ لاءِ زور وڌو پيو وڃي. هن ڀيري ارسا پاران خريف ۾ 35 سيڪڙو پاڻي کوٽ جو انديشو ڏيکاريو پيو وڃي. ان صورت ۾ جيڪڏهن نارا ڪئنال مان پاڻي کنيو ويو ته پوڇڙ جي آبادگارن کي پاڻي ملڻ ڏکيو ٿي پوندو.

هڪ اهم اداري جي گڏجاڻيءَ واري ايجنڊا ۾ ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ ۾ لڳ ڀڳ 20 هزار ايڪڙ شهري ٻيلن (Urban Forest) لاءِ پڻ گهريا ويا آهن. ان گڏجاڻيءَ ۾ پنجاب جي تڪراري گريٽر چولستان رٿا ۽ واپڊا پاران اسٽريٽيجڪ قرار ڏنل واهن جي رٿائن کي به ايجنڊا تي رکيو ويو آهي، جن بابت سنڌ حڪومت توڙي سنڌ جي آبادگارن، سول سوسائٽي ۽ سياسي تنظيمن کي شديد اعتراض آهن. هي اهي رٿائون آهن، جن جي ٺهڻ سان سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم جيترو ئي نقصان ٿي سگهي ٿو. ان گڏجاڻيءَ جي ايجنڊا تي ڪارونجهر جبل مان پٿر ڪٽڻ واري رٿا به رکيل آهي، جنهن بابت اعليٰ عدالت چٽا حڪم ڏيئي چڪي آهي. ڏسجي ته سنڌ سرڪار انهن اهم معاملن تي ڪهڙي پوزيشن وٺي ٿي.

پاڪستان پيپلز پارٽي هن وقت وفاقي حڪومت ۾ وزارتون نه وٺڻ جي باوجود ڀائيوار بڻيل آهي. ان تي اها ذميواري ٿي عائد ٿئي ته اهم فورمن تي سنڌ جي زمينن، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن جي مالڪيءَ جو تحفظ ڪري. ملڪي ترقي ۽ معيشت کي هٿي ڏيڻ يقينن هن وقت اهم ضرورت آهي پر ان جو مطلب سنڌ ۽ سنڌ واسين جي آئيني حقن ۽ وسيلن تي سمجهوتو ڪرڻ نه هجڻ گهرجي. زراعت کي ترقي ڏيارڻ جي اهميت کان انڪار ناهي پر اهو ڪم سنڌ سرڪار پاڻ به خانگي شعبي سان يا آبادگارن جي ڪوآپريٽوز سان گڏجي ڪري سگهي ٿي. هڪ پاسي واهن تي ٿيندڙ زراعت جي حالت ابتر ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي ان کي سڌارڻ بجاءِ سنڌ جي زمين خانگي ڪمپنين کي ڏني پئي وڃي. سنڌ جي قيمتي زمين رهائشي رٿائن ۽ ٻين ادارن جي استعمال ۾ ڏيڻ بجاءِ سنڌ سرڪار کي اها زمين سنڌ واسين جي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جي رٿابنديءَ جي ضرورت آهي. انهن اهم معاملن تي سنڌ سرڪار توڙي پ پ قيادت جي پوزيشن سامهون نه پئي اچي. ٻئي پاسي سنڌ جون قومپرست ڌريون ۽ سول سوسائٽي به اڳ جهڙو تحرڪ نه پيون ڏيکارين. عوامي تحريڪ انهن معاملن تي لڳاتار جدوجهد ڪري رهي آهي پر اهي معاملا سنڌ دوست ڌرين جي گڏيل جدوجهد جي تقاضا ڪن ٿا. انديشو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ واسين جي گڏيل آواز ۽ جدوجهد کانسواءِ انهن مسئلن تي ڪمپرومائيز ڪندي. ماضيءَ ۾ به ٻٽي مڪاني نظام ۽ ٻن ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ وارن معاملن تي پيپلز پارٽي سنڌ واسين جي گڏيل آواز ۽ جدوجهد تي ئي پٺتي هٽڻ تي مجبور ٿي هئي. وفاق ۾ مسلم ليگ جي حڪومت آهي، جنهن کي سنڌ جي مسئلن سان  ڪابه دلچسپي ناهي. سنڌ مان جيئن ته کين ڪابه سيٽ نه ملي، تنهنڪري هنن کي سنڌ جي زمين ۽ پاڻيءَ بجاءِ پنجاب جي ترقي ۽ پنهنجي حڪومت بچائڻ/هلائڻ لاءِ وڏن ادارن سان ٺهي هلڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي آهي. صوبي اندر سندن سياسي قيادت توڙي اليڪشن ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندڙ جي ڊي اي به انهن اهم معاملن تي ماٺ آهي. ان صورتحال ۾ وفاق توڙي اهم ادارن اڳيان سنڌ جي خدشن ۽ اعتراضن کي سمجهائڻ لاءِ پر امن جمهوري جدوجهد جي فورمن کي ئي ڪو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.