سنڌ حڪومت کان عوام جا مطالبا

0
35
سنڌ حڪومت کان عوام جا مطالبا

 جمھوريت مان مراد اھا ھوندي آھي تہ پھريان اليڪشن ۾ سڀني پارٽين منجھان سڀ کان سٺي پارٽي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائجي ۽ جڏھن اھا پارٽي ڪامياب ٿي اقتدار ۾ اچي تہ کانئس پنھنجا ڪم وٺجن. انھن آڏو پنھنجا سمورا مطالبا رکجن تہ اسان اوھان کي ووٽ ڏنو آھي، ھاڻي اسان جا مسئلا حل ڪريو. حڪومت کان پڇاڻو ڪرڻ بہ عوام جو حق آھي، جيڪو اسان گھٽ ڪندا آھيون. پر ھتي جڏھن حڪومت اڳيان ڪو مطالبو رکجي ٿو تہ عوام ئي اڳواٽ  فيس بڪ تي اھو لکڻ شروع ڪري ٿو ڏئي تہ اھو تہ ڪونہ ڪندا، اھو مشڪل آھي يا حڪومت بدران اھي ويھي عذر ٻڌائيندا آھن. عوام جو ڪم حڪمرانن کان مطالبا ڪرڻ ئي تہ ھوندو آھي. جيڪڏھن ڪير اھم ۽ جائز مطالبو ڪري ٿو تہ عوام جو ڪم ان مطالبي جي حمايت ڪرڻ آھي، نہ ڪي مخالفت ڪرڻ!

                 جيئن تہ پ پ پ کي سنڌ جي عوام لڳاتار چوٿون ڀيرو اڪثريتي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻايو آھي، اڃان بہ ايئن چئجي تہ پ پ پ جيڪڏھن ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي آھي تہ اھا بہ سنڌ جي عوام جي مھرباني ڪري آھي، تنھنڪري پ پ پ کي بہ سڀ کان وڌيڪ خدمت سنڌ ۽ خاص طور سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي ڪرڻ گھرجي. پر پ پ جڏھن بہ اقتدار ۾ آئي آھي، ان ھميشہ ڪراچي لاءِ وڏيون وڏيون اسڪيمون ڏنيون آھن، جتي ان جو ووٽ بئنڪ تمام گھٽ آھي، جڏھن تہ سنڌ جا ڳوٺ ۽ ٻيا شھر، جتي انھن جو تمام وڏو ووٽ بئنڪ آھي، تن کي انھن سدائين نظرانداز ڪيو آھي! تنھنڪري سنڌ جي عوام کي پ پ پ جي سنڌ حڪومت آڏو پنھنجا سڀئي مطالبا بنا ڪنھن رک رکاءُ جي رکڻ گھرجن. سڀ کان اول تہ سنڌ جو ٽرانسپورٽ جو نظام صفا تباھ حال آھي. سڄي دنيا ۾ اليڪٽرانڪ ٽرينون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ھلي رھيون آھن پر ھتي اھڙا ڪي آثار ئي نہ آھن. تنھنڪري سنڌ حڪومت کان سنڌ مطالبو ٿي ڪري تہ ھن مدي ۾ ھو سنڌ کي اليڪٽرڪ ٽرين جو تحفو ڏين. توڙي جو ريلوي وفاقي کاتو آهي ۽ اهو سنڌ حڪومت جي اختيار کان ٻاهر آهي، پر اها ڳالهه وفاق کان مڃرائي سگهجي ٿي. جيڪڏھن ھو سنڌ ۾ اليڪٽرڪ ٽرين آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا تہ ان سان پ پ پ جي مقبوليت ٻين صوبن ۾ بہ وڌي ويندي ۽ اھو ڪم انھن جو ووٽ بئنڪ ٻين صوبن تائين وڌائڻ ۾ وڏي مدد ڪندو. ان ڏس ۾ شروعاتي طور ڪراچي کان حيدرآباد اليڪٽرڪ ٽرين سروس ھلائي ٿا سگھن، جنھن سان اتان جي ڪاروبار کي بہ ھٿي ملندي.

صحت جي حوالي سان سنڌ ۾ ميڊيڪل انشورنس سسٽم جو نظام رائج ڪرڻ گھرجي، جيڪو بہ سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي ڏھاڪن کان ڪاميابي سان ھلي رھيو آھي. اھو نظام آڻڻ تہ تمام آسان آھي ڇو تہ ان لاءِ حڪومت کي پاڻ تہ ڪجھ خاص ڪرڻو ئي ناھي. انشورنس ڪمپنين سان ڳالھائڻو آھي تہ اھي عوام کي مفت ڪنسلٽيشن ۽ ميڊيڪل ليبارٽري ٽيسٽن جون سھولتون ڏين. ان لاءِ گورنمينٽ عوام کان بہ ھر مھيني ھزار رپيا وٺي ٿي سگھي ۽ اھڙي طرح جمع ڪيل رقم حڪومت انشورنس ڪمپني کي پريميم طور ادا ڪري ٿي سگھي. اھو سسٽم آڻڻ سان عوام، انشورنس ڪمپني ۽ حڪومت ٽنھي جو فائدو آھي.

سنڌ جي ترقيءَ لاءِ تمام گھڻو ضروري آھي تہ عوام لاءِ تعليم جي معيار کي بلند ڪيو وڃي. ان ڏس ۾  خاص طور تي جيئن ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جڏھن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو منسٽر ھو تہ ھن پاڪستاني نوجوانن لاءِ ٻاھرين ملڪن ۾ اسڪالرشپن جو پروگرام 2004 ۾ شروع ڪيو ھو. ايئن ئي سنڌ حڪومت کي ھن اقتداري مدي ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ اھڙين اسڪالرشپن جو پروگرام شروع ڪرڻ گھرجي، جنھن تحت ھر سال گھٽ ۾ گھٽ سئو شاگردن کي مختلف شعبن ۾ ٻاھرين ملڪن جون اسڪالرشپون ڏنيون وڃن. جڏھن اھي اسڪالر چئن سالن کانپوءِ پي ايڇ ڊي ڪري واپس ايندا تہ مختلف شعبن ۾ ترقي وٺرائي ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھندا.

پاڪستان ۾ مھانگائي ايتري تہ وڌي وئي آھي جو ڪراچيءَ ۾ فقط نوڪريءَ واري جڳھ تي پھچڻ جو ئي مھيني جو ڪرايو ڏھ کان پندرھن ھزار لڳي وڃي ٿو! ھاڻي جن ماڻھن جي ڪل پگھار يا آمدني ئي ويھ کان ٽيھ ھزار ھجي، ان وٽ کائڻ پيئڻ، لٽي ڪپڙي، بجلي، گئس، پاڻي، تعليم ۽ صحت جي خرچن لاءِ باقي ڇا ٿو بچي؟ جيتري مھانگائي آھي، گھٽ ۾ گھٽ پگھار پنجاھ ھزار تہ ھجڻ گھرجي. ان مسئلي جو حڪومت وٽ ڪھڙو حل آھي؟ ڇا حڪومت فقط بجلي، گيس، پيٽرول قيمتون وڌائي ۽ مھانگائي ڪري عوام کي اذيتون ڏئي ئي ملڪ جي معيشت ھلائيندي؟ يا پنھنجا خرچا بہ گھٽائيندي؟ منسٽريون گھٽائيندي؟

پنھنجا شاھي خرچ بہ گھٽائيندي؟ سنڌ جو ھڪ تمام وڏو مسئلو غربت ۽ بي روزگاري آھي. انھن سڀني شين کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي گھر آھي تہ گورنمينٽ صنعتون لڳائڻ جي شروعات ڪري. وڏيون صنعتون بہ لڳائي ۽ ننڍيون صنعتون بہ. ننڍيون صنعتون لڳائڻ تہ اڃان بہ سوليون آھن. ان سان نوجوانن کي روزگار بہ ملندو، گورنمينٽ ناڻو بہ ڪمائيندي ۽ سنڌ ۾ خوشحالي اچي سگھندي. عوام کي روزگار ڏيڻ حڪومت جي بنيادي ذميوارين منجھان آھي، تنھنڪري سنڌ حڪومت کي گھرجي تہ نوجوانن کي ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرض ڏيڻ جي اسڪيم شروع ڪري. اھي قرض ٽن سالن ۾ کانئن واپس وٺي ٿي سگھي. ان پروجيڪٽ ۾ بہ گورنمينٽ جو ڪو نقصان ناھي، جڏھن تہ سنڌ جي نوجوانن کي پنھنجي پيرن تي بيھڻ جو سونھرو موقعو ملي ويندو.

سنڌ جو ھڪ وڏو مسئلو بيڊ گورننس رھيو آھي. پھريان تہ ترقياتي بجيٽ ئي تمام گھٽ رکيو ويندو آھي. وري جيڪي ٿورا گھڻا ترقياتي ڪمن جا اعلان ڪيا ٿا وڃن، انھن مان اڌ بہ مشڪل سان پورا ڪيا ٿا وڃن! ۽ اھو سلسلو سالن کان ساڳئي انداز سان ھر سال ٿيندو پيو اچي. نيٺ اھا بيڊ گورننس ڪڏھن ۽ ڪيئن ختم ٿيندي؟  ھر سال جيڪڏھن ساڳيا ماڻھو ئي منسٽر ٿيندا رھندا تہ ترقي ڪيئن ايندي؟ جن پوئين مدي ۾ ئي ڪم نہ ڪيو، سي اڳئين ۾ ڪيئن ڪندا؟ تنھنڪري سنڌ جي سڀني وزارتن جي ڪارڪردگيءَ جو احتساب ٿئي ۽ جيڪڏھن ڪارڪردگي سٺي نہ ھجي تہ وزارتن جو موقعو ٻين کي ڏنو وڃي. پ پ پ ٻارنھن ماڻھن جي پارٽي تہ ناھي جو وري وري ساڳين ئي ٻارنھن ماڻھن کي وزارتون ڏنيون وڃن!

سنڌ ۾ جتي جتي سسٽم ٺاھيو اٿن، اتي اوھان کي ھر سھولت ملي ٿي. اھڙين جڳھن تي بلڪل ايئن لڳي ٿو ڄڻ ڪو ٻاهريون ملڪ آھي. بجلي، گئس، پاڻي، روڊ، صفائي، سڪيورٽي، سڀ سھولتون ۽ بھترين نظام بہ. ماڻھو بل بہ ڏين ٿا ۽ بدلي ۾ کين سڀ سھولتون بہ ملن ٿيون. سو اھا ڳالھ ناھي تہ سنڌ ۾ سڀ ڪجھ ٺيڪ نہ ٿو ٿي سگھي، سڄي ڳالھ نظام ٺاھڻ جي ئي آھي. ڪو نظام ٺاھڻ، نئون ادارو ٺاھڻ، نئون پروجيڪٽ شروع ڪرڻ اھي سڀ ڪم فقط ھڪ ڀيري جي محنت ھوندا آھن، جيڪي پوءِ سالن تائين ڦل ڏيندا رھندا آھن.

مان آسٽريا ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ دوران ڏٺو تہ اتان جي حڪومت جو ڪم ئي عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون ۽ فائدا ڏيڻ ھوندو ھو، جڏھن تہ اسان وٽ وري حڪومت عوام کي نيون نيون پريشانيون ڏيندي رھي ٿي. سو اھا روش ھاڻي بدلائڻي پوندي. آھستي آھستي عوام ۾ شعور وڌندو رھي ٿو، کين پنھنجي حقن جي ڄاڻ پوندي رھي ٿي. جمھوريت رائج ڪرڻ ۽ حڪومت ٺاھڻ جو مقصد ئي عوامي ڪم ڪرڻ ھوندو آھي. جيڪڏھن اھي چونڊيل نمائيندا پنھنجو ڪم نہ ڪندا تہ ٿي سگھي ٿو ھي انھن لاءِ آخري موقعو ھجي ۽ ٻيھر عوام کين عوام ووٽ نہ ڪري، تنھنڪري سنڌ حڪومت کي انھن سمورن مطالبن تي پورو ڌيان ڏيڻ گھرجي. ھي سمورا ڪم ايترا مشڪل نہ آھن، بس ٿوري توجھ جي ضرورت آھي پر خبر ناھي تہ حڪومت ۽ انھن جا نمائيندا ھي اخباري ڪالم پڙھن بہ ٿا الائي نہ! جيڪي ماڻھو مفت ۾ ڏنل تجويزون، صلاحون، آئيڊياز ٻڌڻ جي بہ تڪليف نہ ٿا ڪن، سي عمل ڪيئن ڪندا!