اڪيلائيءَ جا 27 سال

0
31
اڪيلائيءَ جا 27 سال

 اھو دور تاريخ جي دز ۾ دفن ٿي ويو، جڏھن اسان کي ملڪ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ نظر ايندا ھئا، انھن گورن سياحن جا گروپ، جن ۾ نيرين اکين واريون ناريون به شامل ھونديون ھيون. ھيءَ ڪٿا صرف ستر جي ڏھاڪي دوران پيدا ٿيل ان “ھِپي ڪلچر” جي حوالي سان ناھي ۽ نه وري ھيءَ وارتا پاڪستان جي پھاڙي علائقن ۾ ڦرندڙ انھن غيرملڪي مسافرن تائين محدود آھي، جيڪي انھن دوڪانن تان چرس خريد ڪندا ھئا، جن جي مٿان “اعليٰ ڪوائلٽي” وارو بورڊ آويزان ھوندو ھو. پر ٻاھر کان ايندڙ غيرملڪين جا ڪٽڪ موھن جي دڙي طرف ويندا نظر ايندا ھئا. انھن ۾ صرف قديم تھذيب جي آثارن کي حيرت ڀريل اکين سان ڏسڻ وارا يورپ ۽ آمريڪا جا عام ماڻھو ئي نه پر اتان جا محقق ۽ اھي پروفيسر به ھوندا ھئا، جيڪي مقامي آباديءَ کي ڪل ٿڙيا محسوس ٿيندا ھئا. انھن سياحن جي انگ گھٽجڻ جو سبب صرف امر جليل جو افسانو “ھن ڄار ۾” نه ھو. اھڙا واقعا اڄ به ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ٿيندا رھن ٿا. ڇا تازو ھڪ يورپي سياح خاتون ڀارت ۾ ٽن چئن مقامي مردن ھٿان ريپ نه ٿي؟ پر ڇا ان واقعي سبب دھلي جي ايئرپورٽ تي ايندڙ گورن مسافرن ۾ ڪا گھٽتائي آئي آھي؟ جيڪي اچڻ شرط پھريون پتو تاج محل ۽ ٻيو ان گوا جو پڇندا آھن، جن جي مشھور مشروب “فيني” جا قصا انھن کي پنھنجن ماڻھن جي واتان ۽ پنھنجن مصنفن جي ڪتابن معرفت اڳواٽ معلوم ھوندا آھن. پر انڊيا جي ڪامياب سفارتڪاريءَ جو سبب اھي سياح ناھن، جيڪي اڄ به تاج ھوٽل کان وٺي سستن ڪمرن تائين ڀارت ۾ ڀريا پيا آھن. پر غيرملڪي مسافرن جي آمد ڪنھن ملڪ جي بھتر ساک جو باعث ضرور ٿيندي آھي ۽ ان جا ملڪ جي پرڏيھي کاتيءَ تي به هاڪاري اثر پوندا آھن. جڏھن اسان جي ملڪ جي مجموعي اڪيلائيءَ جا ڪارڻ اڪيچار آھن.

پاڪستان جي پرڏيھي پاليسيءَ جنھن جا مضبوط ۽ مدلل بنياد ذوالفقار علي ڀُٽي رکيا، ان جو ستياناس ڪرڻ ۾ آمريت ۽ ڪرپشن جو ڪردار ڪنھن به طرح نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي. اھو پاڪستان جيڪو ڪڏھن ٽين دنيا جو مھندار ملڪ سمجھيو ويندو ھو، ان کي افغان جنگ سبب جيترو نقصان پيو، ان جو پورو ڪاٿو ڪرڻ ان ڪري به ممڪن ناھي، ڇو ته اھو نقصان ھن مھل تائين پئجي رھيو آھي. جڏھن پاڪ- افغان سرحد امن جو ماڳ بڻي، تڏھن اسان اھو حساب ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ھونداسين ته پاڪستان ان جنگ سبب ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو، جنھن جي باري ۾ آمريڪا جي اسٽيٽ ڊيپارٽمينٽ تازو پنھنجا ڳجھا پيپر منظر عام تي آڻي اھو ثبوت پيش ڪيو آھي ته اھا جنگ پاڪستان جي نه ھئي پر اھا جنگ پاڪستان کان ڪرائي وئي ۽ ان جنگ جو سبب سوشلزم طوفان کي روڪڻ نه ھو ۽ نه وري روس جو ڏوھ اھو ھو ته ماسڪو ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪومت ھئي. ڇو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪومت ته چين ۾ به آھي پر چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي 100ھين سالگرھ جي مبارڪباد پيش ڪرڻ ۾ اسان جي ملڪ سان گڏ جماعت اسلاميءَ جو امير مولانا سراج ۽ جميعت علماءِ اسلام جو سدا سائو سربراھ مولانا فضل الرحمان به آھي. جڏھن ته پاڪستان سدائين فخر سان اھا دعوا ڪندو رھيو آھي ته پاڪ- چين دوستي سمنڊ کان گھري ۽ ھماليا کان بلند آھي. پر ڇا ھن مھل ٻنھي پاڙيسري ملڪن جي تعلق ۾ اھا گھرائي ۽ اھا بلندي باقي بچي آھي؟ خاص طور تي جڏھن سي پيڪ جو منصوبو سردخاني تائين محدود ھجي، گوادر ۾ دھشت گردي سبب چيني ھوٽل کان ٻاھر نڪرڻ ۾ مشڪل محسوس ڪن ۽ داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئر ھڪ ڀيرو ٻيھر خودڪش حملي جو شڪار ٿيا ھجن ۽ ھن ڀيري چين جا تيور وڌيڪ تلخ ھجن.

اھڙي ماحول ۾ سنجيده ميڊيا مجبور ٿي وڃي ٿي ته ھوءَ پنھنجي ملڪ جي ناڪام پرڏيھي پاليسيءَ جا پيرا کڻي ٻڌائي ته اھو سفر منزل ڇو نه ماڻي سگھيو؟ جڏھن ته پاڪستان ھن مھل تائين پنھنجي آمريڪا نواز پاليسيءَ ۾ ڪا تبديلي به نه آندي آھي. جڏھن ته “نان الائنڊ موومينٽ” جو نعرو ھڻي نھرو روس نواز پرڏيھي پاليسيءَ جو بنياد رکيو ھو ۽ ان سبب ئي انڊيا جون ڪميونسٽ پارٽيون ڪانگريس لاءِ پنھنجا نظرياتي محاذ گرم ڪري نه سگھيون. پر سرد جنگ کان پوءِ ڀارت جھڙي طرح آمريڪا کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ ان سان گڏ ھن روس جو به ھٿ نه ڇڏيو ۽ ھن مھل تائين ڀارت ٻن ٻيڙين تي ڪامياب سفر ڪري رھيو آھي. ڇو ته ھو اڄ به روس کان صرف تيل نه ٿو وٺي، ھن جي دفاعي ٽيڪنالاجيءَ جو وڏو حصو روسي ھٿيارن تي مشتمل آھي. روس سان اڄ به ھن جا دفاعي معاھدا ٿيندا رھن ٿا. اھا الڳ ڳالھ آھي ته دفاع جي ان دنيا ۾ ھاڻي اسرائيل به شامل ٿي ويو آھي ۽ ڪشمير جي اندر توڙي ڀارت کان ٻاھر ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ سکن جي خلاف جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي، ان ۾ “موساد” مڪمل طور تي “را” جي رھمنائي ڪري رھي آھي.

پاڪستان کي آمريڪا ھڪ ڀيرو ٻيھر سڌن لفظن ۾ ٻڌايو آھي ته ھو ايران سان گيس وارو معاھدو ڪري نه ٿو سگھي ۽ پاڪستان جو پرڏيھي کاتو دٻيل لفظن ۾ به اھو سوال پڇڻ جي جرئت ڪري نه ٿو سگھي ته جيڪڏھن آمريڪا جي اکين جو تارو بڻيل ڀارت ان ساڳي ملڪ کان سستي گيس وٺي سگھي ٿو ته اسان ڪھڙو ڏوھه ڪيو؟

ڀارت آمريڪا جي اکين جو تارو ھجڻ وارو اعزاز چين سان ٽڪر ۾ اچڻ ۽ لداخ وارو محاذ گرم رکڻ سبب حاصل ڪري سگھيو آھي پر انڊيا کان اھو ناز ڪير ٿو کسي سگھي ته ھو اسان کان وڌيڪ انھن عرب ملڪن کي ويجھو آھي، جنھن مان ھڪ عرب ملڪ ته سرڪار جي سھڪار سان ھڪ جديد ۽ مھانگو مندر جوڙڻ جو ڪارنامو به سرانجام ڏنو آھي. جڏھن ته اسان ھن مھل تائين سومناٿ تي ڪاھه ڪندڙ فاتح جو نالو پنھنجي ميزائل مٿان رکي خوش ٿيون ٿا. ڇا اھا حقيقت ناھي ته رام مندر جي تعمير سبب ڀارت ۽ عرب رياستن جي وچ ۾ تر جيتري به تلخي پيدا ٿي نه سگھي. ڇا اھو سچ ناھي ته جيڪڏھن اڄ غزا غم جي تصوير بڻيل نه ھجي ھا ته انڊيا اسرائيل کي شامل ڪندي واپار جي وڏي واٽ جو سنگ بنياد رکڻ سبب واڌايون وٺندو نظر اچي ھا.

ھڪ وقت اھڙو به ھو ۽ ان وقت کي پنھنجين اکين سان ڏسڻ وارا اڄ به ھن جڳ ۾ جيئرا آھن، جڏھن عام طور تي سموريون عرب رياستون ۽ خاص طور تي سعودي عرب پاڪستان جي حوالي سان ڀرپور فخر جو اظھار ڪندا ھئا ۽ پاڪستان کي امداد کان وٺي سستي تيل تائين ھر سھولت جي فراھمي ھٿ ڦھلائڻ کان اڳ ميسر ھوندي ھئي پر اڄ پاڪستان کي سعودي قرض به مخصوص شرطن سان سلھاڙجي مشروط ٿي ويو آھي. جيڪڏھن جديد عرب دنيا ۾ يو اي اي نه ھجي ھا ته پاڪستان جي ڪمزور معاشيات کي ڪير ڪلھو ڏئي ھا؟

ھن وقت پاڪستان پرڏيھي پاليسيءَ جي ناڪاميءَ جا جيڪي به سبب تلاش ڪري رھيو آھي، انھن ۾ اڪثريت انھن وڍن جي آھي، جن ۾ اسان جا پنھنجا ھٿ ملوث رھيا آھن. پاڪستان پوري دنيا لاءِ پرڪشش ملڪ بڻجي پئي سگھيو ۽ مسلم دنيا لاءِ ته ھي ملڪ مثالي بڻجي وک واڌائي به چڪو ھو پر اھو جنرل ضياءَ وارو ‘آپريشن بلو فاڪس’ ھو، جنھن کان پوءِ ھي ملڪ پنھنجن پيرن تي بيھڻ جو حق به حاصل نه ڪري سگھيو آھي. جنھن وقت کان وٺي ذوالفقار علي ڀُٽي جي ذھين ۽ متوازن سياست خلاف سازشي عنصرن کي ميدان ۾ آڻي ھڪ اڀرندڙ ملڪ کي گھيري ۾ آڻي ان کي افغان جنگ جي اڏيءَ تي آندو ويو ۽ ملڪ منظم انداز سان ڪرپشن ۽ بدامنيءَ جي ور چاڙھيو ويو، ان کان پوءِ پاڪستان جو سفر اڳتي وڌڻ بدران مسلسل پوئتي رڙھندو رھيو آھي.

پاڪستان افغانستان وانگر ڪو ليڊلاڪ ملڪ ناھي. پاڪستان جو سمنڊ اڄ به پنھنجي معدني ۽ حڪمت عمليءَ واري صلاحيت سان مالامال آھي پر ھڪ ملڪ جي ان کان وڌيڪ بدقسمتي ٻي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي، جو ھن جي چار پاڙيسري ملڪن مان ٽي اھڙا ملڪ ھجن، جن سان ھن جا تعلقات ڪنھن طرح سان دوستاڻا سڏي نه ٿا سگھجن. پاڪستان ۽ ڀارت پھرين ڏينھن کان وٺي پنھنجي وچ ۾ دشمنيءَ جو ٻج پوکيو ھو. اھوئي سبب آھي ته جڏھن پاڪستان جي دفاعي دنيا ۾ “دشمن” لفظ جو استعمال ڪيو ويندو ھو ته ڪنھن آفيسر کي ته ڇا پر عام سپاھيءَ کي به پڇڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي ھئي ته دشمن ملڪ جو نالو ڪھڙو آھي؟

پر اڄ صورتحال تبديل ٿي چڪي آھي. ڇو تھ پاڪستان پنھنجي پاڙي ۾ دوست جي حوالي سان غريب ۽ دشمنن جي حوالي سان امير ملڪ وارو تعارف حاصل ڪري چڪو آھي. ايران ۽ پاڪستان سعودي عرب سبب ٻھ جسم ۽ ھڪ جان تھ نھ ٿي رھيا پر ڪڏھن ڪنھن سوچيو بھ نھ ھو تھ ٻنھي ملڪن جي سرحد ھڪ ٻئي مٿان حملن واري منظر جو مشاھدو ڪندي؟ افغانستان جي سلسلي ۾ ڪنھن خواب ۾ بھ اھو خيال نھ آيو ھو تھ جن ويڙھاڪن کي پاڪستان دنيا جا طعنا سھي اقتدار ۾ آڻيندو، اھي جڏھن اقتدار ۾ آيا تھ انھن جا تيور ان حد تائين تبديل ٿي ويندا جو پاڪستان جي حڪومت ۽ رياست ھم آواز افغانستان مٿان دھشتگرديءَ جو الزام ھڻڻ تي مجبور ٿين.

پاڪستان ھن مھل پنھنجي پرڏيھي محاذ تي تيزيءَ سان تنھائيءَ جو شڪار ٿي رھيو آھي ۽ ھن کي اھڙي اڪيلائيءَ مان دختر مشرق جو فرزند بھ نھ ڪڍي سگھيو. ڇو تھ پرڏيھي پاليسيءَ جو اصل بنياد ڏيھي پاليسي ھوندي آھي. پاڪستان جي اندرين پاليسي ايتري الجھيل آھي جو ان جي ڏور کي پرڏيھي آفيس ۾ ويٺل سفارتڪار سلجھائي نھ ٿا سگھن. اسان جو ملڪ ماضيءَ جي ملبي تي ويھي مستقبل جي منزل جو پتو پڇي رھيو آھي.

”پوڇتي ھين وھ غالب ڪون ھي

ڪوئي اب بتلائو، ھم بتائين ڪيا؟“

مرزا غالب جو قلم ڪيترو نھ تلخ ھو!!