ڳالهيون ڳنوارن جون … مورڙو، ڪراچي جا پراڻا پڊ ۽ ادبي محفلون

0
29
ڳالهيون ڳنوارن جون ... مورڙو، ڪراچي جا پراڻا پڊ ۽ ادبي محفلون

 ڪنهن ڪم سانگي ڪراچي وڃڻ ٿيو. ڪراچي هاڻ اها ڪراچي نه رهي آهي. ڀوري راڪاس ڪراچي کي ڳهي وئي. اصلوڪا پڊ غائب، اصلوڪا لوڪ ڳڻتيل، پريشان ۽ بي حال. اصلوڪيون جايون، ڪراچي جي سونهن، محل ماڙيون ۽ مينشنون خسته حال. معاشرو ڇڙ وڇڙ گابا. ڪراچي جي سنسار ۾ هر شخص سرگردان نظر ايندو.

                 اڳي ڪلاچيءَ جي ڪُن وارو مانگر مڇ، مورڙي جا ڇهه ڀائر ڳڙڪائي ويو هو ته، مورڙي مڙسان مڙسي ڪري مهاڏو اٽڪائي، مانگر مڇ کي مارايو هو پر هاڻ، هاڻي وارو مانگر مڇ پراڻيون وسنديون، پاڙا، گهٽيون، محلا ۽ سڄي جا سڄا ڳوٺ به ڳڙڪائي ويو پر ڪنهن به اڄ جي مورڙي اک ڪانه پٽي. مورڙي جي ڀائرن کي مانگر مڇ ڳهي ڪلاچي جي ڪُن ۾ وڃي لڪو هو ته، مورڙو بروقت، وقت جي بادشاهه دلو راءِ وٽ دانهن کڻي ويو هو. هن جيڪا وارتا بادشاهه اڳيان پيش ڪئي هئي، ان کي لطيف سرڪار هن طرح بيان ڪيو:

ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ڏئي دلوءَ در دانهن،

ته متارا مري ويا، جي ٻيلي هئا ٻانهن،

تيلاهين آئون، تو در آيس تڪڙو.

…..

ماڙيءَ چڙهيو مورڙو، ڏئي دلو راءِ کي دانهن،

ته شڪاري چڙهي ويا، ڪالهه ڪلاچيءَ ڏانهن،

جو گهڙيو سو نانهن، ڪو جو ڪوڪٽ ڪن ۾.

مورڙي جي ٻاڏائڻ تي وقت جي بادشاهه دلو راءِ بروقت قدم کڻي، قابل انجنيئر گهرائي، انهن کان ڪائي جي ڪل ٺهرائي مورڙي جي حوالي ڪئي. مانگر مڇ کان وير وٺڻ لاءِ مورڙي جي ڀرپور مدد ڪرڻ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته، دلو راءِ عوام جو همدرد حاڪم هو. سنڌ جي برک عالمن هوت چند گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب هن بادشاهه کي مدبر ڏاهو ۽ عوام جو هڏ ڏوکي راجا ڪري ڄاڻايو آهي. تاريخ طاهري جي مصنف طاهر محمد نسياني اروڙ جي حاڪم دلو راءِ ۽ بديع الجمال واري ڏندڪٿا الائي ڪٿان آڻي تاريخ ۾ لکي ڇڏي. دلو راءِ بادشاهه نه فقط بروقت ايڪشن کڻي مانگر مڇ مارايو ۽ مورڙي جي ڀائرن جا لاش ڪڍي گل ٻائي وٽ دفن ڪرايا، بلڪه غريب مهاڻن جي اجتماعي ڀلائي خاطر ۽ سندن گذر سفر لاءِ مورڙي کي سون مياڻي جاگير طور لکي ڏني. مورڙي جي همت ۽ حوصلي کي داد ڏيڻو پوندو پر اڪيلي سر مورڙو اهو سڀ ڪجهه ڪونه ڪري سگهي ها، جي حاڪم وقت جي مدد حاصل نه هجيس ها.

مورڙي وارو مانگر مڇ ته مري چڪو پر هاڻ هي جو ڪلاچي جي ڪن وارا ٻيا مانگر مڇ، ڪراچي جي اصلوڪن رهاڪن مهاڻن، ميدن مڪرانين، خواجن، جوکين، کٽين خاصخيلين، ڀانگورين، لورن ۽ لاشارين جا پاڙن جا پاڙا ڳڙڪائي ويا ۽ مسلسل ڳڙڪائيندا پيا وڃن! حاڪمن جون پنهنجون مجبوريون، مرضيون ۽ ترجيحون هونديون آهن. انهن جو فيصلو وقت تي ڇڏيل آهي. عاد و ثمود جي قومن جا عروج و زوال وارا قصا ڪلام پاڪ ۾ بيان ڪيل آهن. ڪراچي جا پراڻا ڳوٺ سفوران ڳوٺ، ڀنگوريا ڳوٺ، لالو وارو کيٽ، چوکنڊي، چنيسر ڳوٺ، ناٿي خان جو ڳوٺ، لانڍي، ابراهيم حيدري، لياري، کڏو، نئون آباد، کارو در، مٺو در، ريڙهي مياڻ، بابا ڀٽ، منهوڙو ۽ ٻيون ڪيتريون پراڻيون وسنديون ۽ پاڙا ڪراچي ۾ آيل مهمانن جي لوڌ ۾ لڪي ويا. هاڻ انهن وسندين جا رڳو نالا وڃي بچيا آهن.

کڏي مان گذرڻ ٿيو ته مولانا صادق کڏي وارو ياد اچي ويو. مولانا مدرسه عربيه مظهر العلوم جو پرنسپال هو. ان مدرسي ۾ ديني تعليم ڏني ويندي هئي. ملڪ جا عالم ۽ علماءُ وٽس اچي مهمان ٿي رهندا هئا. هڪ ڀيري دار العلوم جو صدر مدرس حضرت مولانا حسين احمد مدني حج تي ويندي، ڪراچي ۾ اچي مولانا محمد صادق جو مهمان ٿيو هو. مولانا محمد صادق ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي “اصلاح” نالي سه روزه اخبار جاري ڪئي، جيڪا اڳتي هلي 1937ع ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي اتحاد پارٽي جي حامي بڻجي وئي.

لياري، جنهن بابت علي محمد بلوچ مسڪين جا اکر پڙهو: “بدنصيب لياري، پنهنجي ڪلراٺي زمين، سوڙهين گهٽين، جهريل جهوپڙين، غريباڻي ماحول ۽ زندگي جي ڊوڙ ۾ پٺ تي رهجي ويل اٻوجهه انسانن جي، ويڳاڻي انبوهه سبب…….”. اها اڄ به تباهه آهي. نئون آباد جيڪو ادبي مجلسن جو مرڪز هوندو هو، ان جو روح روان هوندو هو شيخ عبدالله عبد. پاڻ 1910ع ۾ نئون آباد ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ۽ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ وائيس پرنسيپال جي عهدي تي فائز رهيو. ان کان علاوه نوشهرو فيروز مدرسي ۾ هيڊ ماسٽر جي عهدي تي مقرر ٿيو. اين جي وي هاءِ اسڪول سنڌ مدرسي ۾ استاد جا فرائض سر انجام ڏنائين ۽ ٺٽي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر به رهيو. هو ڪجهه عرصو صحافت سان به وابسته رهيو. شيخ صاحب شاعر هو. هن کوڙ سارا تنقيدي مضمون ۽ افسانه به لکيا. جڏهن “سنڌي سڌار سوسائٽي” قائم ٿي ته عبد صاحب ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ان دور ۾ مشاعرا ۽ ادبي محفلون مچنديون هيون. مشاعرا مختلف وقتن تي خالق ڏني هال، ٿياسافيڪل هال، ڊي جي سنڌ ڪاليج جي هال، سيفي سيڪنڊري اسڪول ۽ اسلامي اسڪول نئون آباد ۾ ٿيندا هئا. ڊي جي سنڌ ڪاليج جي هال جي ته خبر ڪانهي، البت اڄ جيڪڏهن ڪنهن جو گذر بندر روڊ تان ٿئي ته ڏسندو ته خالق ڏنو هال ۽ ٿياسافيڪل هال ويران نظر ايندا. 32-1931ع ۾ نئون آباد ۾ عبدالله عبد جي نگراني ۾ “انجمن روح ادب سنڌ” جي نالي سان انجمن جو بنياد وڌو ويو، جنهن جي اهتمام هيٺ هر هفتي ادبي نشست ٿيندي هئي.

ڪراچيءَ جي مشاعرن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد هاشم مخلص، مراد علي ڪاظم، لطف الله بدوي، حاجي محمود خادم، غلام احمد نظامي، آخوند عبدالرحمان انجم هالائي، محمد هارون امير، علي محمد مسڪين بلوچ، عبدالغفور سيتائي، مير ايوب خان، محمد خان فقير، نور محمد نماڻو، ماستر چندر، گلشن صوفي ۽ ٻيا گهڻا شاعر اديب اچي حاضر ٿيندا هئا.

ٿو ڏسان قتل جا آثار خدا خير ڪري

تيز قاتل ڪئي تلوار خدا خير ڪري

(اظهر گيلاني)

ٿئي زلف جان، نه سلسلهء آرزو دراز،

ڪنهن شوخ جي جواب طرح مختصر ڪجي

(مراد علي ڪاظم)

شيخ عبدالله عبد جي مشهور نظم “آخري خط” جو هي بي مثال شعر پڙهو:

اڄ اچي منهنجو حال زار ته ڏس،

هل هلي پنهنجو بي قرار ته ڏس،

اچ ته جان علم شڪار وڃي،

راهه ۾ روح بي قرار وڃي.

اهي ان دور جي شاعري جا مثال آهن.

عبدالحليم جوش جون هي سٽون مونکي ڏاڍو ڪکنديون هيون:

جوش کي تصوير جو هڪ رخ نه ڏيکاريو اوهين،

داد جي ڏيو ٿا ته، خاميون به ٻڌائيندا هلو.