ڪهاڻين ڏانهن ڇڪيندڙ ڪهاڻي

0
33
ڪهاڻين ڏانهن ڇڪيندڙ ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي جي ڪتاب “منهنجي صاحب جي ڌيءَ” جون ڪهاڻيون اهڙي انداز ۾ چيو ويون آهن، ڄڻ ته توهان کٽ تي ڪنڌ نمايو ويٺا هجو ۽ سامهون موڙي تي ويٺل ڪو ماڻهو اهي ٻڌائي رهيو هجي. منهنجو ساڻس ڪي گهڻيون ملاقاتون ناهن جو چئي سگهان ته اهو موڙي تي ويٺل هو پاڻ آهي، پر اڳ سندس مزاح وارين لکڻين ۽ توڙي ڪهاڻين جو پڙهندڙ ضرور آهيان.

هن ڪتاب ۾ ڇپيل ڪهاڻيون ڪيئن آهن؟

ليکڪ پاڻ ڪهاڻين ۾ گهڙي هروڀرو انهن ۾ موجود ناهي. ڪهاڻيڪار موضوع کان ٻاهر ٿڙي نه ٿو ۽ ڪهاڻين ۾ اجائي گهل به ناهي. ڪهاڻين کي ڪهاڻي رهڻ ڏئي ٿو ۽ انهن ۾ استعارن ۽ تشبيهن جا هروڀرو غيرضروري ٽيڪا نه ٿو ڏئي. حقيقي دنيا جي ڪهاڻيءَ ۾ حقيقي علامت آڻي ٿو، ان ڪري اڻت ۾ ميچوئرٽي ٿي نظر اچي. ڪٿي ڪٿي گهري طنز (ڊارڪ سيٽائر) جو سٺو استعمال ٿيل آهي. هروڀرو جي منظرنگاري نگاري ناهي پر هر ڪهاڻيءَ جي مزاج جو ماحول چٽو آهي، جنهن کي هڪ متوازن ماحول نگاري چئي سگهجي ٿو. ڪهاڻيءَ جي وقت ۽ ان جي سيٽنگ جو دائرو گهڻو ڦهلائڻ بجاءِ موضوع پٽاندڙ يا پلاٽ آڌار ئي رکيو ويو آهي. پر ڪٿي ڪٿي اهو دائرو سوڙهو ڪيو ويو آهي، جيئن “مري ويل محبتون” ۽ “طرو” ۾، پر ان جو اثر ڪهاڻيءَ جي اڻت تي ناهي پيو.

ڪهاڻين جي سٺي اڻت ۽ نئين پيرائي ۾ آڻڻ جي ڪري، پڙهندڙ پوري ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ٿئي ٿو ۽ ان جو فرق ان ڳالهه تي نه ٿو پئي ته ڪي موضوع عام قسم جا به آهن. مثال: ڪهاڻي “عورت” جو موضوع عام آهي ته اولاد نه ٿو ٿئي پر ان جي ٽريٽمنٽ ۽ اڻت ڪهاڻي کي نئون بڻايو آهي، ڇو ته اڻت ۾ ميچوئرٽي آهي. ايئن “عيد” ڪهاڻي به ڇوڪر تي عشق واري موضوع تي آهي، ان بولڊ موضوع کي اڻت سبب پڙهڻ ۾ دلچسپي وڌي ٿي. “خميسي جو گهر” ڪهاڻي هڪ ڪتي بابت آهي، جنهن کي خميسو پالي ٿو ۽ اهو ڪتو وڏو ٿي جهڙوڪر سندس گهر جو ئي مالڪ ٿي وڃي ٿو ۽ مالڪن کي ئي چڪڻ لڳي ٿو. هي انتهائي ميچوئر ۽ نواڻ واري ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مڪمل طور تي حقيقت واري دنيا ۾ رهندي ان ۾ علامتي اظهار ٿيل آهي. هي هڪ طرح جو الڳ سان ڪاڪ ٽيل آهي. ڪتو پنهنجي جبلتي جنس هوندي به جهڙوڪر معاشري جو ڪردار ٿي سامهون آيل آهي. “جهنگ جو بادشاه ۽ هيسيل هرڻي” به اهڙن ئي روين جو اظهار آهي. “سڃاتل اڻسڃاتل” ۾ هڪ ڇوڪري وٽ قبرستان ۾ آرٿر رولينڊس پنهنجي قبر جي بوڪنگ ڪرائڻ ٿو اچي. ڪهاڻي ۾ نئون پڻو به آهي ته سوچ جي ديوار تي به ويهاري ٿي. ڪتاب ۾ ڇپيل ڪهاڻي آ، جيڪر ان ۾ ٻه ٽي وضاحتي قسمن جا جملا نه هجن ته اها ڪهاڻي اڃان وڏي هجي پر پوءِ به هي ڪهاڻي سٺين ڪهاڻين سان برميچي سگهجي ٿي، ڇو ته ان جو ڪينواس وسيع آهي. ها برابر ڪن ڪهاڻين مان لڳي ٿو ته اهي موضوع ڏٺل يا ٻڌل يا پڙهيل آهن، جيئن ٽائٽل ڪهاڻي جو مثال “منهنجي صاحب جي ڌيءءَ” آهي، اهو موضوع فلمن ۾ به آيل آهي ته صاحب وٽ ڪنهن نوڪر جي ڌيءَ ايڊاپٽ ٿيل هوندي آهي يا اڻڄاڻائي ۾ ڪهاڻي ۾ ڏنل اهڙي صورتحال سبب ڀاءُ ان رشتي جي بي خبري سبب مائل هوندو آهي. اصل ۾ ڪهاڻي جي اڻت ان کي فلمي يا ڊرامي پڻي مان ٻاهر آڻي ٿي يا وري ڪهاڻي جو مزاج ان کي انهن ڳالهين کان جدا ڪري ٿو بيهاري. هونئن پڙهڻ کان اڳ مون کي خوشونت سنگهه جي ڪهاڻي “صاحب ڪي ليئي دلهن” ياد آئي پر ان جو موضوع ۽ مزاج مختلف آهي.

ڪهاڻيون شهري توڙي ٻهراڙي جي سيٽنگ ۾ آهن ۽ سنڌ کان ٻاهر به وقوع پذير ٿيندڙ به آهن، جيئن “لڪير” ۾  الهاس نگر ۾. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته موضوعن جي ورائٽي آهي، ڇو ته جڏهن ڪهاڻين ۾ سيٽنگ گهڻي هوندي آهي ته پوءِ موضوع به ڦهلاءَ ۾ ايندا آهن. ڪهاڻين جي سيٽنگ ۾ ڪراچيءَ جا علائقا گهڻا آهن. بيان يعني نيرشن گهڻي ڀاڱي يا اڪثر ڪهاڻين ۾ ڊائلاگن يا ڳالهه ٻولهه تي آڌاريل آهي، جيڪر ٿرڊ پرسن به هجي ها ته هي ڪهاڻيون اڃان وڌيڪ نکري بيهن ها. هي ڪهاڻي ڪتاب هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ بعد اهڙو ناهي جو پهرين ڪهاڻي پڙهي ٺپي رکي ڇڏجي. هر ڪهاڻي ٻي ڪهاڻي ڏانهن وٺي وڃي ٿي ته اها دنيا ڪهڙي هوندي.