عوام جي جائز ڪاوڙ کي ناجائز بڻائڻ جي سازش

0
404
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ پنهنجي پرامن جدوجهد سبب سدائين آمرن جي اکين ۾ ڪنڊو رهي آهي ڪيترين ڪوششن ۽ سازشن باوجود انهي پرامن جدوجهد کي پرتشدد رستي تي هلائڻ جي حرڪت کي ڪڏهن ڪاميابي نه ملي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ سمجهي ٿي ته پرامن جدوجهد بهتر نتيجا ڏيندڙ آهي توڙي جو ان جدوجهد ۾ صبر ۽ وقت ٻئي گهربل هوندا آهن پر انهي کي چٿڻ سولو ۽ آسان نه هوندو آهي ڇو ته پرامن جدوجهد جون پاڙون سدائين عوام ۾ کتل هونديون آهن ۽ جيڪڏهن ڪا جدوجهد عوام سان ڳنڍيل هجي ۽ ان کي عوام جي مالڪي ملي ته اها ڪڏهن به ناڪام ٿي نه ٿي سگهي.ون يونٽ کان وٺي نيلام روڪيو تحريڪ ،لسٽون سنڌي ۾ ڇپرائڻ جي تحريڪ،جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم آرڊي تحريڪ توڙي ڪالاباغ ڊيم خلاف مسلسل جدوجهد اهڙيون تحريڪون رهيون آهن جيڪي پرامن طريقي سان هليون ۽ پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيون.
ڪجهه وقت کان وٺي سنڌ تي وري هڪڙي والار آهي جنهن خلاف عوامي ردعمل پچي رهيو آهي ۽ سنڌ پنهنجي انهي روايتي پرامن جدوجهد ڏانهن موٽ کائي انهي والار کي روڪڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي جيڪاجدوجهد ماضي ۾ نظر آئي. اها والار ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جي صورت ۾ هجي يا سنڌ جي زمينن تي هائوسنگ اسڪيمن جي نالي قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ يا مقامي آبادي کي زبردستي لڏائڻ لاءِ هجي ڇاڪاڻ ته وقت جي حڪومت يا ماٺ ۾ آهي يا وري انهن ڌرين جي سهولتڪار جنهن ڪري مختلف صورتن۽ موقعن تي نظر ايندڙ انهي سياسي بي چيني هڪڙي گڏيل تحريڪ ڏانهن سفر ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن بحريا ٽائون جي زيادتين مقامي ماڻهن خلاف پنهنجي حد کان وڌڻ شروع ڪيو ۽ اتان جي مقامي ماڻهن کي بلڊوزرن ذريعي بيدخل ڪرڻ جو لقاءَ ايئن نظر اچي رهيو هو ڄڻ اهو سڀڪجهه سنڌ جي ڌرتي نه پر فلسطين تي ٿي رهيو آهي تنهن سڄي سنڌ ۾ هڪ ڪاوڙ جي لهر پيدا ڪئي ۽ احتجاجن جو سلسلو روڊن کان وٺي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي شروع ٿي ويو. ڪالهه ڪاوڙ جي انهي پر امن اظهار لاءِ وڏي ۾ وڏو گڏيل احتجاج بحريا ٽائون جي مکيه گيٽ آڏو رکيل هو جنهن ۾ سڄي سنڌ مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ اهي خبرون به آيون ته ڪيترن هنڌن تي قافلن کي روڪيو ويو آهي ۽ انهن کي ڌرڻي واري هنڌ پهچڻ به نه ڏنو ويو تنهن جي باوجود وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿي بحريا ٽائون ۽ ان جي سهولتڪارن خلاف پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.پر جڏهن ٿوري دير گذري ته ڪجهه ماڻهن ڌرڻي جي ڀرسان موجود بحريه جي حدن ۾ ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ڪيو جن کي اسٽيج تان بار بار روڪيو ويو ۽ اڳواڻن اعلان ڪيو ته جيڪي ماڻهو اهڙي حرڪت ڪري رهيا آهن انهن جو ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل پارٽين سان ڪو واسطو ناهي بلڪه اهي ڪنهن سازش تحت ڌرڻي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪنهن ايجنڊا تي آيل آهن. ڏسندي ئي ڏسندي اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي جو اهي ڪجهه ماڻهو جن کي سولائي سان قابو ڪري سگهجي پيو جن کان سياسي ڌريون به لاتعلقي جو اعلان ڪري چڪيون هيون انهن بحريا ٽائون اندر وڃي باهيون لڳائڻ شروع ڪيون ۽ مکيه گيٽ کي به ساڙي رک ڪري ڇڏيو. اتي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن سياسي ڌريون ڀڃ ڊاهه شروع ڪرڻ وقت ئي انهن کان لاتعلقي ڏيکاري رهيون هيون ۽رپورٽن مطابق اهي ٻه ٽي درجن کان مٿي ماڻهو نه هئا ته اتي موجود پوليس فورس ڇو ڪا ڪارروائي ڪرڻ کان ڪيٻائي رهي هئي، جڏهن ته هڪ رات اڳ ئي امن امان جي حوالي سان وڏي تعداد ۾ پوليس گهرائي وئي هئي ۽ بحريه جي سيڪيورٽي به موجود هئي، خاردار تارون لڳايون ويون هيون ۽ ڪنٽينر رکي سڀ رستا بند ڪيا ويا هئا ته پوءِ ڪيئن اهي ٻه ٽي درجن ماڻهو اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ ڪنهن انهن کي نه روڪيو ۽ اهي آزاداڻي نموني پنهنجي ڪارروائي ڪندا رهيا،انهن ٻه ٽي درجن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران بعد ۾ پوليس ڌرڻي ۾ هزارن جي تعداد ۾ موجود ماڻهن تي شيل وسايا جن ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل هيون. جيڪڏهن اهڙي ڦڙتي انتظاميا انهن درجنين ماڻهن کي اندر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڏيکاري ها ته اهڙي صورتحال ئي پيدا نه ٿئي ها .
اسان سمجهون ٿا ته اها سڌي سنئين انتظامي ناڪامي آهي جو انهن سياسي پارٽين جي لاتعلقي واري حمايت هوندي به اها ڪجهه ماڻهن کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي جيڪي عوام جي جائز ڪاوڙ کي ناجائز بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ڇاڪاڻ ته عوام مقامي ماڻهن جي حقن ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف پرامن نموني پنهنجو احتجاج جو اظهار ڪرڻ لاءِ پهتل هئا جن کي آڱرين تي ڳڻائڻ جيترن ماڻهن ٻيو رنگ ڏيڻ جي ڪوسش ڪئي،آخر اهي ماڻهو ڪير هئا، انهي سوال جو جواب انتظاميا ۽ سياسي ڌرين جي جواب جو گهرجائو آهي.