ڏهرڪي ڀرسان خوفناڪ ٽرين حادثي بعد مبلي هيٺان دٻيل ماڻهن جون بچائڻ لاءِ دانهون

0
246

ڏھرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ڀرسان خوفناڪ ٽرين حادثي بعد مبلي هيٺان دٻيل ماڻهن جون بچائڻ لاءِ دانهون، ريسڪيو ٽيمن طرفان مسافرن کي بچائڻ لاءِ مناسب انتظام نه هجڻ جي شڪايت، ريسڪيو ٽيمن بوگي ۾ ڦاٿل عورت کي بچائي ورتو، ملبي ۾ ڦاٿل عورت گهرڀاتين سان فون تي رابطو ڪيو، گهرڀاتين جي آگاهه ڪرڻ تي ريلوي اختيارين ۽ انتظاميا عورت کي بچايو، عورت کي معمولي زخم رسيا هئا، ٽرينز جي ملبي ۾ اڃا به 15 کان وڌيڪ مسافر دٻيل هجڻ جو خدشو ظاهر، ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار ٽرينز ۾ بدنصيب گهوٽ سوڌو ڄڃ به سوار هئي، حادثي جو شڪار سر سيد ايڪسپريس جي ڊرائيور جو بيان به منظرعام تي اچي ويو، ڊرائيور اعجاز جو چوڻ آهي ته هو ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور الرٽ هئا، اوچتو سامهون بوگيون نظر اچڻ بعد ايمرجنسي بريڪ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽرين نه بِيٺِي، نتيجي ۾ حادثو ٿي ويو.