بحريا مين تلاطم هي ڪه سنڌ آتا هي!

0
421
غلام ديس جو آزاد انسان

سموري سنڌ ۾ نه سهي پر اڳوڻي سپر هاءِ وي ۽ موجوده موٽروي مٿان ڪالهه ٽوپين ۽ اجرڪن جي بهار آيل هئي. هي اهو ڏينهن هو، جڏهن سنڌ جا سمورا رستا ان بحريا ٽائون جي طرف وڌي رهيا هئا، جيڪو رياست جي ڌڻين ۽ زرداريءَ جي سنڌ سرڪار جو گڏيل منصوبو آهي.
بحريا ٽائون، جنهن کي ملڪ جي اعليٰ ترين عدليا به هڪ مجرم منصوبو قرار ڏنو. اهو منصوبو ڪراچيءَ ۾ ڪرپشن جي پئسي سان هڪ “ديسي دبئي” ٺاهڻ وارو هو. ان منصوبي کي مڪمل ٿيڻ تائين صرف ان کي مشهور ڪرڻ جي لاءِ ڪراچيءَ جي جوڙن جي محفوظ ڊيٽنگ پوائنٽ جوڙي وئي ۽ هر شام پهاڙي پاڇي ۾ جهنگل ۾ منگل جو اهتمام ٿيندو هو. بحريا ٽائون تي اصل جهيڙو ان مهل متو جڏهن عدالت ملڪ رياض کان پڇيو ته هن ڪهڙي طرح تمام ٿوري زمين تمام ٿورن پئسن ۾ خريد ڪري تمام گهڻي زمين جي مٿان قبضو ڪيو آهي؟ ان منصوبي جا ڇنڊا آصف زرداريءَ جي دامن مٿان ته منڍ کان وٺي هئا پر جڏهن ڪجهه وقت اڳ ملير جي مقامي ماڻهن ملڪ رياض جي ڪڙڪي پوندڙ مشينريءَ جي مزاحمت ڪئي، تڏهن پوري سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ سوين پڙاڏا بڻجي ويو. ان  ڏينهن سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي سڌ تي تمام گهڻا سياسي۽ غيرسياسي انسان ان ڪن ۾ گهڙي پيا، جيڪو ڪرپشن جو ڪن آهي. ملڪ رياض جي ٺهيل امپائر جي مٿان جڏهن ڌرتيءَ جي اولاد پرامن هلان ڪئي ته انهن جون وايون بتال ٿي ويون، جن کي ورديون پارائي زوريءَ شينهن بڻائي موڪليو ويو هو. ان ڏينهن موٽر وي تي هر شيءَ گردش ڪري رهي هئي ۽ هر شيءَ سڪ ۾ سانت هئي. ان ڏينهن واقعي شاعريءَ کي عمل ۾ ايندي ڏسڻ جو ڏينهن  هو. اهو اياز ئي لکيو هو ته:
“هي ماڻهو وهه جو ڍڪ ٿيا
جيئن لڪ لڳي تيئن رڪ ٿيا”
ان ڏينهن به هلندڙ هيٽ وي وارو ڏينهن هو پر ماڻهن جا جذبا تترکرڙي ڪڪرن کي ميڙي مينهن ڪڻين ۾ تبديل ڪري رهيا هئا ۽ ان ڏينهن سنڌ جو ضمير پنهنجي اڏولتا جو مظاهرو پسي رهيو هو.
ان ڏينهن جا منظر مون به گهر ويٺي ٽي وي چينلن ۽ سوشل ميڊيا تان نه ميڙيا پر هي لکڻ وارا هٿ به ان ڏينهن احتجاجي هئا،  جن جي لاءِ شيخ اياز ئي لکيو آهي ته:
“ٿو آئون به گڏجان ميڙي ۾
ڇا پيارا نعرا گونجن ٿا
جهونجهار وڌن ٿا جهيڙي۾”
اسان ته بحريا ٽائون طرف ڪراچيءَ کان آياسين پر سنڌ جا ماڻهو ڪشمور کان وٺي ڪارونجهر تائين سنڌ جي سڏ تي ان جذبي سان پهتا هئا ته:
“سنڌ جي سڏ تي
سڏ جيڪو نه ڏي
ڪوڙهيو ٿي مري”
اهو ڏينهن ڪراچيءَ جي ڀر پاسي ۽ ان طرف ايندڙ سڀ کان وڏي رستي مٿان ايئن هو، جيئن تاريخ پلٽو کائيندي آهي.
بشير قريشيءَ جي شهادت کان پوءِ هي پهريون ڀيرو هو، جڏهن ايتري تعداد ۾  ايترا جذبن سان سرشار سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ واسين آڏو پنهنجي قومي قوت جو مظاهرو ڪري رهيا هئا. مون انهن کي چتائي ڏٺو، انهن جي چهرن تي ڪنهن به قسم جو خوف يا خدشو نه هو. انهن جي لاءِ ملڪ رياض جي بادشاهي اهڙي نه هئي، جنهن جي دهشت ۾ اچي وڃجي. هو ماڻهو گهڻي وقت کان پوءِ سنڌ مٿان زوريءَ مڙهيل سياسي اسٽيٽسڪو ختم ڪري رهيا هئا. هو ماڻهو جيڪي پنهنجي ليکي اجرڪ ۽ رومال لهرائي رهيا هئا ۽ نعرن کي گيتن وانگر ڳائي ورجائي رهيا هئا. اها ڌرتيءَ جي سگهه هئي.
هي اهي ماڻهو نه هئا، جن جو ٻوٿ ٻڌي ۽ جن کي ڪوچن ۾ واڙي وٺي اچبو آهي ۽ جن کي بريانيءَ جي هڪ ٿيلهي ڏئي اڳيان آندو ويندو آهي ۽ غربت جي موسيقيءَ تي انهن کان رقص ڪرايو ويندو آهي ۽ جڏهن انهن کي گهرن طرف موٽايو ويندو آهي ته ڪنهن جي کيسي ۾  هڪ هزار ته ڪنهن جي کيسي ۾ پنج سئو جو نوٽ هوندو آهي ۽ انهن کي خبر نه پوندي آهي ته هو ڪهڙو ڪشالو ڪڍي آيا آهن.
بحريا ٽائون جي خلاف احتجاج ڪرڻ وارا انسان بنيادي طور تي پنهنجي مقصد جي سلسلي ۾ بنهه واضح هئا. انهن کي معلوم هو ته هو ڇا ڪري رهيا آهن؟ انهن کي خبر هئي ته هو ڪهڙي مقصد سان آيا آهن. انهن کي پتو هو ته هو تاريخ جي ٽٽل تند کي ٻيهر جوڙڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن جي اچڻ سان  اهو افواهه پنهنجي موت پاڻ مري ويو ته سنڌي ماڻهن مان سياسي ڏنگ نڪري ويو آهي ۽ هاڻي انهن کي هٿ جي تريءَ تي ويهاري ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نچائي سگهجي ٿو. ان ڏينهن تي اهو تاثر روڊ تي ڳڀل ڪانچ جيان ذرو پرزو ٿي ويو. ان ڏينهن سنڌي ماڻهو سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ پنهنجي ديس جي وارثي ڪرڻ جي لاءِ جهڙي ريت ميدان موکي رهيا هئا، ان مان تمام گهڻيون اميدون جنم وٺي رهيون هيون ۽ ان ڏينهن هر ماڻهو پنهنجي هٿ ۾ جهليل موبائل ذريعي پاڻ ئي پنهنجي تاريخ کي محفوظ ڪري رهيو هو.
ان ڏينهن معلوم ناهي ته ملڪ رياض ڪٿي هو؟ اها ڳالهه ته سئو سيڪڙو يقيني هئي ته ان ڏينهن هو پنهنجي قبضي ڪيل شهر ۾ نه هو. پر هو جتي به هو، اتي اهي منظر ڏسي رهيو هو ته جڏهن سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جو تحفظ ايئن ڪري رهيا هئا، جيئن ننگ ۽ دنگ جو تحفظ ڪبو آهي ته هن جي دل ۾ ڪنبڻي ته ضرور پيدا ٿي هوندي ۽ هن پنهنجن سنڌي پارٽنرن کان فون ڪري پڇيو به هوندو ته اوهان ڪٿي آهيو؟ اوهان هن صورتحال کي ڪنٽرول ڇا نه ٿا ڪيو؟ پر اهو ڏينهن اهڙو نه جنهن ڏينهن سنڌ جا اڙٻنگ پٽ ڪنهن کان ڪنٽرول ٿي سگهن. هو ته دل جي چوڻ تي آيا هئا ۽ انهن کي هڪ نئين تاريخ رقم ڪرڻي هئي.
اڳواڻ پوئتي ڪيئن رهجي ويندا آهن ۽ عوام اڳتي ڪيئن وڌي ويندو آهي؟ ان ڏينهن انهن سوالن جا جواب نظر اچي رهيا هئا. هڪ طرف روڊ جي ٻنهي ڪنارن تي لڳايل تنبو هوا ۾ تري رهيا هئا ۽ انهن جي هيٺان ڪجهه ٿڪل ورڪر ساهي پٽڻ جي لاءِ ويٺا هئا ۽ ٻي طرف هو سوين نوجوان هئا، جن جي هٿن ۾ پٿر هئا ۽ هو وردين وارن کي پوئتي ڌڪي رهيا هئا. ماحول ۾ ڪيترو خوف ڀرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي وئي ۽ ڪهڙي ريت ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيلن مٿان شيل فائر ٿي رهيا هئا پر ماحول ۾ اهڙي مستي هئي، جهڙي اياز جي انهن ٻولن ۾ ته:
“ٿو ڪري راڪاس راڙا پر اياز
هيل تنهنجي سنڌ گهٻرائي نه ٿي”
ان ڏينهن سنڌ گهٻرائڻ واري نه هئي. ان ڏينهن سنڌ پنهنجي پوري وجود جي تاريخي گواهي ڏيڻ آئي هئي. ان ڏينهن هر شخص قوم هو ۽ قوم هڪ منظم احتجاج جي مالها ۾ پروئجي وئي  هئي.  مون پاڻ هڪ اهڙي اجنبي نوجوان کان پڇا ڪئي، جنهن جي عمر مشڪل سان 14 يا 15 سال هوندي ته هو ڪنهن جي لاءِ آيو آهي. هن پرعزم لهجي ۾چيو ته هو سنڌ جي لاءِ آيو آهي. اها سنڌ جيڪا هن جي دل ۾ ڌڙڪي رهي هئي ۽ جن همراهن کي ورديون پارائي دهشت جي علامت بڻايو ويو هو، ان ڏينهن هو پگهر ۾ پنهنجي پسيني سبب پسيل ڪڪڙ محسوس ٿي رهيا هئا. ان ڏينهن ڪوئي به ٽول ٽيڪس نه هو. جڏهن اسان جي گاڏي موٽر وي جي ٽول ٽيڪس وٽ پهتي ته اسان کي ڏسي اهلڪارن چيو ته “آج ڇٽي ڪان دن هي. آج ڪوئي ٽيڪس نهين هي” ۽ اڳتي وڌڻ سان اسان کي معلوم ٿيو ته ان ڏينهن ملڪ رياض جي غيرقانوني ٽيڪس اوڳاڙڻ جو دوڪان به بند هو ۽ هن جا ڪجهه بندا شيشن جي پويان حيرت جا مجسما بڻيا ويٺا هئا. ان ڏينهن ان رستي تي پٿر ۽ ڪجهه پاڻيءَ جو خالي بوتلون پيون هيون ۽ انهن جي آس پاس پوليس وارا حيران پريشان بيٺل هئا.
ان ڏينهن مون هڪ سفيد ڏاڙهيءَ واري پوليس اهلڪار کي سڏ ڪري پڇا ڪئي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ سموري ڏينهن  جي ٿڪ ۽ بک ۾ پاهه ٿيل ان پوليس اهلڪار مون کي جواب ۾ چيو ته “سائين ظلم جو حشر آخر ته اهڙو ٿيڻو هو” هن ڪيتري نه اتساهه ڀري ۽ نهايت گهري ڳالهه ڪئي. هن  جي ورديءَ ۽ هن جي ملازمت سبب هو بيٺو ته ٻئي طرف هو پر هن جون سموريون دعائون ۽ همدرديون انهن ڳڀرو نوجوانن سان هيون، جيڪي خالي هٿن سان جبر جي جبل کي لوڏي رهيا هئا.
اسان بنا ڪنهن رڪاوٽ جي بحريا جي ان مين گيٽ وٽ پهتاسين، جتي آگ الا ڪري ٻري رهي هئي. ان  گيٽ جي آڏو ڪنٽينر پيا هئا ۽ باهه انهن جي وٿين مان به ليئا پائي رهي هئي. اهو هڪ تاريخي منظر هو ۽ مون کي سدائين اهو احساس ٿيندو هو ته جهڙي جبر سان هو ماڻهن کان ابي ڏاڏي جا ڪک کسي ۽ انهن جي مٿان بلڊوزر هلائي بنگلا ۽ ولاز ٺاهي ۽ انهن کي لکن ڪروڙن ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ انهن کان ڪو به پڇاڻو نه ٿي رهيو آهي ته هڪ ڏينهن اوس اهڙو ايندو جو اها دهشت دونهين ۾ رک ٿي ويندي. اهو ڏينهن تاريخ جو ڪٽ مست ڏينهن هو. ڪيتري وقت کان پوءِ مون ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي بوءِ کي محسوس ڪيو ۽ ڪيتري وقت کان پوءِ مون عوامي سگهه کي اهڙي اڀار ۾ آيل ڏٺو. سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي پر ڏسڻ ۽ ڇهڻ الڳ شيءَ آهي. ان ڏينهن مان  تبديل ٿيل سنڌ کي ڏسي رهيو هوس ۽ ان ڏينهن مان تاريخ جي ڪنهن معمار سان هٿ ملائي ان سنڌ کي ڇهي ٿي سگهيس، جيڪا سنڌ اڄ ڏينهن تائين سچو سون آهي ۽ جنهن سنڌ کي ڪنهن به ڪرپشن جو ڪس نه لڳو آهي. اها سنڌ پنهنجي ڀرپور آمد ۾ هئي ۽ بحريا ٽائون جا دونهين ۾ لپيٽيل ۽ سهميل منظر هڪ پراڻي اردو شعر کي نئين معنيٰ ڏئي رهيا هئا. تاريخ جي ڪنهن وقت ۾ ڪنهن چيو هو ته:
“زندان مين تلاطم هي ڪه هند آتا هي”
ان ڏينهن اهو شعر ڪجهه هن طرح سان تبديل ٿي ويو هو ته:
“بحريا مين تلاطم هي ڪه سنڌ آتا هي”