عمرڪوٽ (ن پ ا) عمرڪوٽ ۾ ڪورونا وائرس تي ظابطي لاءِ پاڪ فوج، رينجرس ۽ سنڌ پوليس جي جوانن جو اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ سان گڏجي شهر جو گشت ڪري ماڻهن کي غير ضروري ٻاهر نه نڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون ۽ ماسڪ پائڻ به ضروري قرار ڏنو ويو آھي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته ڪورونا وبا تيزي سان وڌي رهي آهي غيرضروري ٻاهر نڪرڻ کان پرهيز ڪريو ۽ ماسڪ جو استعمال لازمي ڪريو بغير ماسڪ جي ٻاهر نڪرندڙ دڪانن ٻاهران سينيٽائيزر نه رکندڙ لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو شهري پنهنجون ۽ پنهنجي پيارن جون زندگيون بچائين، شھر ۾ شام جو 6 بجي کانپوءِ ڪاروبار مڪمل بند رکڻ ۽ جمعي ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ تي پڻ عمل ڪيو وڃي.