ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيو گهنور ۾ حددخلين جي آزار، هيوي ٽرئفڪ ۽ انتظاميا جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب ٽريفڪ جام هئڻ روز جو معمول بڻيل، شهر ۾ پيادل هلڻ مشڪل ٿي ويو. ٽريفڪ جام هئڻ سبب ايمرجنسي ۾ اسپتال تائين پهچڻ وڏي آزمائش بڻيل. خبر موجب ڪڙيو گهنور شھر ۾ حددخلين جي آزار، هيوي ٽرئفڪ ۽ انتظاميا جي لاپرواهي سبب شھر جي مين سم نالي جي موري تي ٽريفڪ جام هئڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. شھر ۾ ٽريفڪ جام هئڻ سبب ايمرجنسيءَ جي حالت ۾ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ پوي ٿو. جنهن ڪري شھر ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهنشهرين هارون شيخ، فياض علي سمون، بلاول لاکيار، عثمان سوڍو ۽ ٻين ٻڌايو ته شھر ۾ هڪ به ٽريفڪ اهلڪار مقرر نه آهي، ٻيو وري سم نالي جي موري تي انتظاميا پاران منٿلي عيوض مڇي فروشن ۽ گراهڪن جي رش لڳل هوندي آهي. هنن ٻڌايو ته شھر مان تيل ڪمپني جا ھيوي ٽرالر گذرڻ ڪري روڊ بلاڪ ٿي وڃي ٿو،جنهن ڪري شهر ۾ پيادل هلڻ به مشڪل آهي. شھرين مطالبو ڪيو ته ٽريفڪ نظام بحال ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي. ايس ايچ او اصغر سٺيو ٻڌايو ته ايس ايس پي ٽريفڪ اهلڪارن کي بدلي ڪري ڇڏيو، اسٽاف جي کوٽ آھي.