ڄامشورو( رپورٽر) سيوا جي سڏ تي ڪالهه ڏھين ڏينهن به سنڌ يونيورسٽي جي سوين ملازمن ايس او پيز تي عمل ڪندي اي سي ٽو بلڊنگ اڳيان مڪمل ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ليوانڪيشمنٽ نه ملڻ خلاف ناريبازي ڪئي. ڌرڻي ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن پڻ شرڪت ڪئي، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته انتظاميه ملازمن کي پگهار جو مڪمل ڊفرنس ناهي ڏنو ڪنهن ملازمن کي 3000 ته ڪنهن کي 4000 رپيا مليا آهن، جنهن کي ملازم مڪمل رد ڪن ٿا، ملازمن کي هر سال ملندڙ ليوانڪشمنٽ جيڪا سينڊيڪيٽ مان منظور ٿيل آهي اها ڏنيوڃي نه ته جاري رهندو ۽عيد نماز پڻ ملازمن ڀائرن ۽ ننڍڙن ٻارن سان گڏجي وائس چانسلر هائوس اڳيان پڙهي ويندي، هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان نادر مغيري چيو آهي ته سخت مالي ڏکيائين باوجود وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي هدايتن تي سمورن ملازمن کي آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر 2020ع ۽ جنوري 2021 تائين سنڌ حڪومت پاران 5 ۽ 10 سيڪڙو وڌايل انڪريمينٽ جو ڊفرنس 6 مئي تي جاري ڪيو ويو آهي. ملازم ڄاڻايل چئن مهينن جو ڊفرنس ۽ ڊسمبر جي انڪريمينٽ ۽ ٻين انڪريمينٽس جا پئسا پنهنجن اڪائونٽن مان ڪڍرائي سگهن ٿا. سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ اضافي فنڊ ناهن، جنهن ڪري ليو انڪيشمينٽ نٿي ڏيئي سگهجي. سمورين يونيورسٽي ليوانڪيشمينٽ ڏيڻ بند ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪنهن يونيورسٽيءَ وٽ اضافي فنڊ آهن ۽ اها ملازمن کي عيد ايڊوانس يا بونس طور رليف ڏئي ٿي ته اهي انهيءَ يونيورسٽيءَ جي مرضي، اڳوڻي وائيس چانسلر جي غلط پاليسين سبب يونيورسٽي مالي ڏيوالپڻي کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته سيوا جا 30-40 ملازم هجوم جي صورت ۾ گڏ ٿي سڀني جون زندگيون داءُ تي لڳائيندا ته پوءِ قانون حرڪت ۾ اچي سگهي ٿو.