عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ڀرسان ولھار ۾ پسند جي شادي تان ھفتو اڳ اوڏ برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار دوران گھر تي حملي ۾ پيرسن سومار اوڏ جي قتل وقت اغوا ڄاڻايل سندس ناري امرتا کي پوليس عمرڪوٽ ڀرسان ڪوٽ واھ جي پنچائتي واٽر وٽان بازياب ڪرائي ھڪ جوابدار رامن اوڏ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل گھمن اوڏ کي اڳ ئي پوليس گرفتار ڪري ورتو ھو، پوليس موجب ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، واضح رهي ته پيرسن جي قتل جو 6 جوابدارن رامن اوڏ، گھمن اوڏ، راجو اوڏ، سڪندر اوڏ، ھيرو اوڏ، دليپ اوڏ خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي.