ڪراچي (رپورٽ: نذير ميمڻ ) ڪياماڙي ۾ زھريلي دونهين ۽ دز سبب ٻارڙن سميت 18 ڳوٺاڻن جي فوتگين واري ڪيس ۾ پوليس ڪي پي ٽي کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو:  امپورٽ ڪيل سوِيابين جي دز ۽ ڪنٽينرن  ۾ آيل  خطرناڪ ڪيميڪل سبب فوتگيون ٿيون، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪياماڙي ضلعي جي علي احمد ڳوٺ ۾ ڪارخانن مان زھريلي گيس خارج ٿيڻ سبب ٻارڙن سميت 18 ڳوٺاڻن جي فوتگين واري معاملي تي پوليس پاران ماحولياتي ايجنسي سيپا جي رپورٽ جي روشني ۾ تيار ڪيل جاچ رپورٽ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته سيپا جي ٽيم 17 فيبروري تي ڪي پي ٽي جي ٽرمينل 15 ۽ 16 تي دونھون (دز)محسوس ڪيو، ٽرمينلز تي امپورٽ ٿيل غيرصحتمند خام مال لاٿو پيو وڃي، جڏهن ته  ٽرمينلز تي ڊگھي عرصي کان رکيل ڪنٽينرز ۾ پڻ خطرناڪ ڪيميڪلز مليا آھن، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته خام مال ۽ امپورٽ ڪيل سويابين ڪري متاثر علائقي ۾ هوا جو معيار 2.5 کان وڌي 10 تائين خراب ٿي ويو آهي، خام مال ۽ سويابين جي ڦهلجندڙ دز  اتي رهندڙ آبادي لاءِ خطرو آهي، پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اها ڪي پي ٽي جي بنيادي ذميواري آهي ته اها ماحولياتي قانونن تي مڪمل عمل ڪري، ڪي پي ٽي جي مجرماڻي لاپرواهي سبب بندرگاهه تي ڪم ڪندڙ ماڻهو ۽ ڀرپاسي جي رهائشي علائقن جا رهواسي زهريلي ۽ خطرناڪ گيسن جو شڪار ٿي رهيا آهن، هوا جو معيار انساني صحت ۽ ماحول لاءِ انتهائي نقصانڪار ثابت ٿيو آهي، پوليس موجب فوتين جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ باقي آهي، جنهن بعد موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿيندو، پوليس رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته  علي احمد ڳوٺ جي 18  فوتين جا وارث ڪا به قانوني ڪارروائي نٿا چاهين.